102

سنڌسان ناانصافيون ٿين پيون، اين ايف سي ايوارڊ ۾ جائز حصو نه پيو ڏنو وڃي: مراد علي شاهه

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته گذريل ٽن سالن کان وفاقي حڪومت طرفان سڀ کان وڌيڪ آمدني ڏيندڙ صوبي سان ناانصافين جو سلسلو هلندڙ آهي ۽ سنڌ کي اين ايف سي ايوارڊ ۾ سندس جائز حصو نه پيو ڏنو وڃي.  ٽنڊي الهيار ۾ ورڪرز ڪنووينشن کي خطاب ڪندي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت طرفان جيڪو سنڌ سان ورتاءُ ڪيو پيو وڃي اهو سڀني جي سامهون آهي. عمران خان نيازي ۽ سندس  ساٿي  ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڪري جشن ملهائي رهيا آهن. گذريل ٽن سالن کان وفاقي حڪومت طرفان سڀ کان وڌيڪ آمدني ڏيندڙ صوبي سان ناانصافين جو سلسلو هلندڙ آهي ۽ سنڌ کي اين ايف سي ايوارڊ ۾ سندس جائز حصو نه پيو ڏنو وڃي ۽ سنڌ جي ماڻهن سان اها دشمني ان ڪري ڪئي پئي وڃي جو سنڌ جا ماڻهو پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت سان محبت ڪندا آهن ۽ ان تي اعتماد ڪندا آهن ۽ سنڌ جي عوام پي ٽي آئي کي ووٽ نه ڏنو  ان ڪري سنڌ جي عوام سان اهو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته وفاقي حڪومت طرفان پاڻي جو به جائز حصو نه پيو ڏنو وڃي ۽ سنڌ جي ماڻهن کي ڄاڻي واڻي اڃايل رکيو پيو وڃي. نيازي سرڪار سان اسان سهڪار ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي ته جيئن اسين پنهنجي عوام کي ناانصافين کان بچائي سگهون پر سندن طريقو اهو ئي آهي ان ڪري نيازي کي وڃڻو پوندو ۽ بلاول ڀٽو کي اچڻو پوندو. بلاول ڀٽو نه فقط سنڌ بلڪ پوري ملڪ جي قيادت ڪندو ڇاڪاڻ ته پورو ملڪ هاڻي نيازي جي غلط پاليسين سبب بيزار ٿي چڪو آهي ۽ نيازي پنهنجن دوستن کان سواءِ ڪنهن ٻي کي نٿو سڃاڻي. هن چيو ته سنڌ حڪومت پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت جي سمورن فيصلن تي پابندي سان عملدرآمد ڪندي پنهنجو ڪردار ادا ڪندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو