ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ايڊمنسٽريٽر ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري ۽ وزيراعظم جي خاص معاون شهباز گل جي بيانن تي ڌار ڌار رد عمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته فواد چوڌري جي خواب ۾ ٻليءَ وانگر هميشه ڇيڇڙا هوندا آهن جڏهن ته شهباز گل حڪومت جي ٽن سالن جي ڪارڪردگي سبب ذهني توازن وڃائي ويٺو آهي. مرتضيٰ وهاب سڌسماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل جو اظهار ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي جي ڪارڪردگي فواد چوڌري ضمني چونڊن ۾ چڱي طرح ڏسي ورتي آهي، ضمني چونڊن ۾ بدترين شڪست فواد چوڌري جهڙن ماڻهن جو ذهني توازن خراب ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته بلاول ڀٽو ۽ مراد علي شاهه تي تنقيد کان پهريان پنهنجي گريبان ۾ ضرور ڏسو. هن چيو ته فواد چوڌري پيپلز پارٽي جو فڪر ڇڏي پي ٽي آءِ جو خير گهري ڇو ته پي ٽي آءِ جو هي پهريون ۽ آخري دور آهي. مرتضيٰ وهاب چيو ته فواد چوڌري جو ڪو به نظر ناهي، هو اڄ پي ٽي آءِ لاءِ ته سڀاڻي ڪنهن ٻي جماعت جي حق ۾ ڳالهائي رهيو هوندو. هن چيو ته نااهل سرڪار ٽن سالن ۾ ئي عوام جو رڙيون ڪڍي ڇڏيون آهن، عوام کي اٽو، کنڊ، داليون، گيهه، تيل ۽ پيٽروليم شين جي اگهن مان سليڪٽڊ سرڪار جي ڪارڪردگي جو اندازو ٿي ويو آهي، نااهل حڪومت بدترين مهانگائي ڪري عوام کان جيئڻ جو حق به کسي ورتو آهي جنهن ڪري عوام هاڻ نااهلن جي ٽولي کي برداشت نه ڪندي. هوڏانهن وزيراعظم خاص معاون شهباز گل جي بيان تي رد عمل جو اظهار ڪندي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته شهباز گل جا پيپلز پارٽي جي قيادت تي الزام ڪوڙ تي ٻڌل آهن. حڪومت جي ٽن سالن جي ڪارڪردگي سبب شهباز گل به ذهني توازن وڃائي ويٺو آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت کي اٽي، کنڊ ۽ ڪڻڪ اسڪينڊل جو حساب ڏيڻو پوندو، پي ٽي آءِ حڪومت جي خاتمي کان پوءِ شهباز گل آمريڪا ۾ نوڪري ڪري رهيو هوندو. هن چيو ته نااهلن جون عوام ۾ ڪي به پاڙون ناهن ۽ اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن شهباز گل جي پاڪستان مان نوڪري ختم ٿيندي. سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه وفاقي وزير فواد چوڌري جي بيان تي رد عمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي نااهل حڪومت پنهنجي ٽن سالن جي عرصي ۾ عوام کي مهانگائي ۽ بيروزگاري کان سواءِ ڪجهه ناهي ڏنو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي ٽن سالن جي دور ۾ صرف انتقامي ڪارروايون، نيب گردي ۽ ايف آءِ اي جا حملا ٿيندا رهيا، پي ٽي آءِ جي نااهل حڪومت جي ٽن سالن ۾ پرڏيهي پاليسي، معاشي پاليسي ۽ سماجي پاليسي مڪمل طور تي ناڪام رهي. هن چيو ته فواد چوڌري واضح طور تي ڪوڙ ڳالهائي ٿو ته مهانگائي جي شرح 25 سيڪڙو وڌي آهي ۽ ماڻهن جي آمدني ۾ 35 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي کيس ٿورو به خدا جو خوف ناهي ۽ آساني سان ڪوڙ ڳالهائي ٿو. هن چيو ته غذائي شين جي اگهن ۾ 36 سيڪڙو ۽ بجلي جي اگهن ۾ 62 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو. ناصر حسين ساهه چيو ته رپئي جي قدر ڏينهون ڏينهن ڪرندي پئي وڃي ته عوام جي آمدني ۾ ڪيئن اضافو ٿي سگهي ٿو. فواد چوڌري چوي ٿو ته مهانگائي جي شرح گهٽ آهي ته منهنجو کيس مشورو آهي ته هو اسٽيٽ بئنڪ جي رپورٽ پڙهي وٺي ۽ ڏسي ته مهانگائي جي شرح روزانو جي بنياد تي ڪهڙي طرح وڌي رهي آهي. هن چيو ته هن نااهل حڪومت ۾ 50 لک ماڻهو بيروزگاري جو شڪار ٿيا، عوام کي هن نااهل حڪومت مان جلد کان جلد ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو پوندو. پي ٽي آءِ جي نااهل حڪومت وٽ عوام جي مسئلن جو ڪو به حل موجود ناهي ان جي ابتڙ هيءَ سليڪٽڊ حڪومت عوام جي مسئلن ۾ اڃا به مسلسل واڌ ڪندي پئي وڃي. هن چيو ته سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ملڪ ۾ سڀ کان ڪامياب وڏو وزير آهي، مراد علي شاهه جي ٽن سالن جي ڪارڪردگي ٻين صوبن کان بهتر آهي. هن چيو ته فواد چوڌري کي گهرجي ته عوام کان راءِ وٺي ته پي ٽي آءِ جي ڪارڪردگي بهتر رهي يا سنڌ حڪومت جي ته عوام پي ٽي آءِ کي آئينو ڏيکاريندي. پي ٽي آءِ ۽ متحده قومي موومينٽ جيڪي هڪ ٻئي جا دشمن هئا هاڻ پيپلز پارٽي جي دشمني ۾ دوست بڻجي چڪا آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت متحده قومي موومينٽ جي دور کان ڪراچي ۾ وڌيڪ ترقياتي ڪم ڪيا آهن. هن چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ پي ٽي آءِ کي نه صرف بدترين شڪست ٿيندي پر سندن ضمانتون به ضبط ڪيون وينديون.
102