اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اٽي، کنڊ ۽ ڪوڪنگ آئل سميت کاڌ خوراڪ جون 22 شيون مهانگيون، عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو، رپورٽ موجب پي ٽي آءِ حڪومت جي دور ۾ مهانگائي جو جاري ٿيل طوفان ڪنٽرول ۾ نه اچي سگهيو، هر شيءِ چوٽ تي چڙهيل، گيهه، مختلف داليون، ڪڪڙ جو گوشت، سايون ڀاڄيون ۽ ٻيون شيون دڪاندار من پسند اگهه تي وڪرو ڪرڻ لڳا، اگهن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ حڪومت ڪو به تحرڪ نه ورتو آهي، جڏهن ته ايل پي جي سميت 5 مختلف شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي آهي، هڪ هفتي دوران 24 شين جون قيمتون برابر رهيون.
