109

ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 120 ڄڻا فوت، 4191 نوان ڪيس، سنڌ ۾ 9 ڄڻن جون حياتيون ضايع

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي چوٿين لهر ۾   وڌيڪ 120 ڄڻا فوت ٿي ويا، 4191 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، جڏهن ته سنڌ ۾ 9 ڄڻن جون حياتيون ضايع ٿي ويون آهن، رپورٽ موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 6.83 سيڪڙو رهي، 3848 مريض صحتياب ٿي ويا، هوڏانهن سنڌ ۾وڌيڪ 9 مريض فوت ٿي ويا، جڏهن ته 1152 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، 49729 ڄڻا مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن، جڏهن ته 892 مريضن جي حالت خراب ٻڌائي پئي وڃي، ٻئي طرف ڪراچي ۾ 497، حيدرآباد ۾ 151، بدين 50، سانگهڙ ۾ 46، ٿرپارڪر ۾ 41 ۽ شهيدبينظير آباد ۾ 34 ڪيس ظاهر ٿيا، جڏهن ته قمبر ۾ 33، ڄامشوري ۾ 32، مٽياري 32، نوشهروفيروز ۾ 30، خيرپور ۾ 27، سکر ۾ 18 ۽ سجاول ۾ 17 ڪيسن جي تصديق، ڪشمور ۾ 17، ميرپورخاص ۾ 15، شڪارپور ۾ 15، ٽنڊو الهيار ۾ 13، گهوٽڪي ۾ 12، عمرڪوٽ ۾ 11، دادو ۾ 10، جيڪب آباد ۾ 8، لاڙڪاڻي ۾ 4، ٺٽي ۾ 3 ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ هڪ نئون ڪيس ظاهر ٿيو آهي. هوڏانهن نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر چيو آهي ته پرڏيهه ويندڙن جي لاءِ ڪورونا ويڪسين جو ٽيون ڊوز مفت ۾ نه هوندو، 1270 رپيا ڏيڻا پوندا، نيشنل هيلٿ سروسز واري وزارت نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو