لکي غلام شاھ (ويب ڊيسڪ) لکي غلام شاھ جي علائقي رستم ۾ پنج سال اڳ پوليس جي تشدد ۾ دل بيهڻ سبب فوت ٿي ويل رستم جي اڳوڻي يوسي ناظم حاجي عبدالغفار آرائين جي قتل واقعي جو نبيرو مهر هائوس وزيرآباد ۾ اڳوڻي ضلعي ناظم محمد عارف خان مهر جي سرپئچي ۾ ٿيو، نبيري ۾ اڳوڻي يوسي ناظم حاجي عفار آرائين جي وارثن عبدالستار آرائين، حاجي مشتاق مهر، جاويد خان مهر، طارق طاهر مهر ۽ الزام هيٺ آيل اڳوڻي ايس ايڇ او رستم قمرالدين پنهور، پوليس اهلڪارن رفيق پنهور، الطاف ڪلهوڙي جي وارثن آرائين توڙي پنهور برادري جي ماڻهن رستم ۽ ڀرپاسي جي معززين شرڪت ڪئي. فيصلي ۾ الزام هيٺ آيل اڳوڻي ايس ايڇ او رستم قمرالدين پنهور سميت پوليس اهلڪارن مٿان 60 لک رپيا ڏنڊ جي فتويٰ جاري ڪئي وئي، جنهن ۾ قتل جا 15 لک، پوليس جي گهر تي چڙهائي جا 15 لک ۽ 30 لک خرچ جا مقرر ڪيا ويا، جنهن مان الزام هيٺ آيل ڌر متاثر ڌر کي 10 لک رپيا موقعي تي ادا ڪيا، جڏهن ته 5 لک معاف ڪرايا ويا، باقي 45 لک رپين جي رقم ٻن قسطين ۾ ادا ڪئي ويندي جيڪا اڌ رقم ايندڙ مهيني ۽ بقايا رقم آڪٽوبر ۾ ادا ڪئي ويندي، ٻئي ڌريون فتويٰ قبول ڪري ڀاڪر ڀائي کير کنڊ ٿي ويون. هوڏانهن مقتول جي ڀاءُ عبدالستار آرئين ۽ محمد علي آرائين سان رابطو ڪرڻ تي ان چيو ته 5 سال اڳ ڀاءُ کي بيگناهه تشدد ڪري قتل ڪيو ويو پنج سالن کانپوءِ ٿيل فيصلي مان مطمئن آهيون ۽ اسان سان انصاف ٿيو آهي،
124