اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آمريڪا افغان ٽرانزٽ مسافرن جي منتقلي جي منصوبي ۾ تبديلي ڪندي پرڏيهين کي ڪراچي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته گڏيل قومن جو خاص جهاز افغانستان مان پنهنجن ملازمن ۽ پرڏيهين کي کڻي اسلام آباد پهچي ويو. سول ايوي ايشن ذريعن موجب آمريڪا طرفان افغانستان مان نڪرندڙ ماڻهن کي ڪراچي نه آڻڻ جو فيصلو سيڪيورٽي سببن جي بنياد تي ڪيو ويو آهي، افغانستان مان منتقل ٿيندڙ افغان شهرين ۽ پرڏيهين کي هاڻ رڳو اسلام آباد آندو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته آمريڪا افغانستان مان نڪرندڙ ماڻهن جي انگ ۾ به گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي ۽ افغان ٽرانزٽ مسافرن جي منتقلي لاءِ لاهور ۽ ڪراچي ايئرپورٽن کي في الحال اسٽينڊ باءِ رکيو ويو آهي. ذريعن موجب ٽرانزٽ مسافرن جي منتقلي جي منصوبي ۾ تبديلي بابت سنڌ حڪومت کي به آگاهه ڪيو ويو آهي. سي اي اي ذريعن موجب اسلام آباد آندل افغاني ٽرانزٽ مسافرن کي جيترو جلدي ممڪن ٿي سگهي پاڪستان مان ٻي ملڪ ڏانهن منتقل ڪيو ويندو. ٻي پاسي گڏيل قومن جو خاص جهاز افغانستان ۾ طالبان جي ڪنٽرول کان پوءِ ڦاٿل پنهنجن ملازمن ۽ پرڏيهين کي کڻي اسلام آباد پهچي ويو. سول ايوي ايشن ذريعن موجب خصوصي اڏام يو اين او 356 ايڇ اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان افغانستان وئي هئي. ايوي ايشن ذريعن ٻڌايو ته آهي ته خصوصي جهاز افغانستان جي مزار شريف انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي لينڊ ڪيو جتان افغان شهرين ۽ پرڏيهي ملازمن کي کڻي شام 4 لڳي 51 منٽن تي اسلام آباد ايئرپورٽ تي پهتي. اهو نه ٻڌايو ويو آهي ته ان جهاز ۾ ڪيترا پرڏيهي مسافر پهتا آهن. ذريعن موجب گڏيل قومن جي جهاز ذريعي پهچندڙ پرڏيهي ۽ افغان شهرين کي ڪجهه ڏينهن پاڪستان ۾ ترسائڻ کان پوءِ کين ٻي منزل ڏانهن روانو ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته انهن سمورن مسافرن کي پاڪستان پهچڻ تي اسلام آباد ايئرپورٽ تي مخصوص مدي جا ويزا جاري ڪيا پيا وڃن. هوڏانهن برطانيا افغانستان مان پنهنجي شهرين جي منتقلي مڪمل ڪري ورتي آهي.
117