ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڻي جي ورچ واري معاملي تي وفاقي حڪومت پنجاب جي ڌر ٿي وئي آهي، ان سنڌ جا اعتراض رد ڪري پنجاب ۽ ارسا جي موقف جي حمايت ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته سنڌ حڪومت پاڻيءَ جي ورڇ واري معاملي تي صوبي جي عوام سان غلط بياني ڪري رهي آهي. ان بابت سنڌ سرڪار جا اعتراض بي بنياد آهن پنجاب پنهنجي حصي واري پاڻيءَ مان 5 ڪئنال به واهي سگهي ٿو. ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته ارسا ۽ پنجاب جو موقف آهي ته سنڌ ۾ پاڻيءَ جي آمد ۽ ڇوڙ بابت نگراني جو هڪ نظام ٺهڻ گهرجي ته جيئن خبر پوي ته پاڻي ڪير چوري ڪري رهيو آهي. فواد چوڌري چيو ته سنڌ حڪومت ۽ مراد علي شاهه پاڻيءَ جي آمد ۽ ڇوڙ بابت نگراني واري نظام جي مخالفت ڪري رهيا آهن. ڇو ته ان سان پاڻي چوري نه ٿي سگهندي ۽ ماڻهن کي به خبر پوندي ته سنڌ جو پاڻي ڪيڏانهن پيو وڃي. فواد چوڌري چيو ته جڏهن اقتدار مليو ته حالتون سڀني جي سامهون هيون. پر هاڻ پاڪستان استحڪام طرف وڌي رهيو آهي. پاڪستان ڪورونا ۾ به بهترين ڪردار ادا ڪيو. ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ماضي ۾ ڪيو هو هاڻ ڇا آهي. فرق ظاهر آهي. اسان ايڪسپورٽ تي ڌيان ڏنو ۽ امپورٽ کي گهٽ ڪيو. ملڪ ۾ مهانگائي ۾ 27 سيڪڙو جڏهن ته آمدني ۾ 37 سيڪڙو اضافو ٿيو. آبادگارن ڏانهن 11 سئو ارب روپيا وڌيڪ ويا آهن. اسان جي پرڏيهي پاليسي وڌيڪ بهتر ٿيندي. اسان 3 سالن جي ڪارڪردگي عوام جي سامهون رکي. عمران خان هڪ بهترين روايت قائم ڪئي آهي. سنڌ جو وڏو وزير به 3 سالن جي ڪارڪردگي عوام جي سامهون رکي.؟ وفاقي وزير چيو ته پيپلز پارٽي ۽ (ن) ليگ علائقائي پارٽيون ٿي ويون آهن. مريم نواز ۽ بلاول ڀٽو زندگي ۾ ڪجهه ڪيو ئي نه آهي. هنن ٻنهي اڄ تائين مسئلن تي پاليسي ڊائريڪشن نه ڏني آهي. سنڌ بحران جو شڪار آهي. اتي مس مينجمينٽ آهي. سنڌ حڪومت عوام کي صحت ڪارڊ ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي. سنڌ حڪومت کي ٽن سالن ۾ 1900 ارب روپيا ملي چڪا آهن. صوبائي حڪومت کي جيڪي پئسا مليا اهي ڪيڏانهن ويا؟ هي يا ته پاڻ ڪم ڪن يا اسان کي ڪرڻ ڏين. جيستائين صوبائي حڪومت گڏ نه ٿيندي ته بنيادي ڪم نه ٿي سگهندا. جڏهن اختيار وڏو وزير پاڻ وٽ رکندو ته بلدياتي ادارا ڇا ڪندا.؟ سپريم ڪورٽ جي آرٽيڪل 140 اي تي عمل ڪرائڻ گهرجي. سنڌ مان به پيپلز پارٽي جو خاتمو ٿيندو. فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته اپوزيشن جي ڪابه پاليسي چٽي نه آهي ته اها ڇا پئي ڪري؟ اپوزيشن ٻڌائي انهن جو مقصد ڪهڙو آهي پي ڊي ايم جي جلسي کان پوءِ فضل الرحمان ٻيهر بيمار ٿي ويندو. شهباز شريف پهرين فيصلو ڪري ته پارٽي کي ليڊ ڪنهن کي ڪرڻو آهي. ڪجهه ماڻهو شهباز شريف ۽ ڪجهه مريم نواز جي پٺيان آهن. نوازشريف شادين تي خوشي سان خرچ ڪري پر اسان جا پئسا خرچ نه ڪري، کيس ملڪ اچي عوام جي پئسن جو حساب ڏيڻو پوندو. نوازشريف واپس اچي ۽ پاڪستان جي عوام جا پئسا واپس ڪري. هن وڌيڪ چيو ته افغانستان جي حالتن تي اسان جي نظر آهي. جيڪڏهن عالمي طاقتن اکيون بند ڪيون ته افغانستان جو بحران وڌي سگهي ٿو. دنيا افغانستان ۾ جاري صورتحال سبب انساني بحران جي خطرن کي سمجهي اسان کي فيصلا طاقت سان نه عقلمندي سان ڪرڻ گهرجن. افغانستان جي تباهي جو انتظار نه ڪيو وڃي. سمورن ملڪن کي چوان ٿو ته افغانستان جي ماڻهن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. دنيا کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. پوري دنيا جا ملڪ هڪ ٻئي سان جڙيل آهن. پوري دنيا کي هڪ ٻئي جو خيال رکڻو پوندو. وفاقي وزير چيو ته افغانستان مان پرڏيهي فوج جي نڪرڻ جي عمل ۾ پاڪستان جي ڪاوشن جي سموري دنيا تعريف ڪئي آهي. افغانستان ۾ حڪومت ٺاهڻ پاڪستان جو ڪم نه آهي افغاني ئي اتي حڪومت جي چونڊ ڪري سگهن ٿا. پاڪستان افغانستان بابت خدشا اڳ ئي ظاهر ڪيا هئا. جيڪڏهن اڳ ئي پاڪستان جي مشوري تي عمل ٿئي ها ته اڄ افغانستان جي صورتحال اها نه هجي ها. اڄ به چئون ٿا ته پاڪستان جي مشوري تي عمل ڪريو، اسان افغانستان سان هر ممڪن تعاون ڪنداسين.
