115

ڪراچي ۾ بيواهه سان دوکي جي ڪيس ۾ جوابدار کي 3 سال قيد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)  ڪراچي جي جوڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر نياز حسين ڪانڌڙو جي عدالت بيواهه عورت سان ڌوڪو ڪرڻ جو ڏوھھ ثابت ٿيڻ تي جوابدار عرفان احمد کي 3 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آھي. عدالت اھڙو حڪم ڪالھھ بيواھھ عورت نظيران پاران داخل ڪرايل ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي ڏنو. عدالت جوابدار عرفان احمد مٿان 20 ھزار رپيا ڏنڊ پڻ وڌو. عدالت جوابدار کي گرفتار ڪري جيل موڪلڻ جو پڻ حڪم ڏنو. پوليس موجب گلستان جوھر واري علائقي ۾ رھندڙ بيواھھ عورت نظيران پاران جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪرايو ھو جنھن ۾ سندس پاران ڄاڻايو ويو تھ جوابدار عرفان احمد ۽ اشفاق  ان جي مڙس جي پينشن ۽ گريجوئيٽي جي مد  ۾ ملندڙ رقم مان ماھوار 60 ھزار رپيا ڪرائي تي ٻھ گاڏيون ورتيون ۽ معاھدي تحت ڪجھھ وقت تائين ڪرايو باقائدگي سان ادا ڪندا رھيا ۽ ڪجھھ عرصي بعد اچتو گم ٿي ويا جنھن بعد معلوم ٿيو تھ انهن ڌوڪو ڏنو آھي ۽ ٻئي گاڏيون پنجاب کڻي ويا آھن جتي فريادي جو پٽ ويو تھ جوابدارن کيس ڌمڪيون ڏئي واپس ڪري ڇڏيو جنھن بعد جوابدارن ھڪ گاڏي کيس واپس ڪئي پر ھڪ گاڏي اڃا بھ سندن وٽ آھي. ڄاڻايل ڪيس ۾ نامزد ھڪ جوابدار اشفاق اڃا بھ مفرور آھي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو