اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايشيائي ترقياتي بئنڪ چيو آهي ته گذريل سال ڪورونا ۾ 8 ڪروڙ ماڻهو غربت جو شڪار ٿيا، پنهنجي جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪورونا جي ڪري صحت ۽ تعليم جا شعبا وڌيڪ متاثر ٿيا آهن، ترقي ۽ اڳڀرائي رڪجي وئي، خطي ۾ 2017ع جي مقابلي ۾ 203 ملين ماڻهو انتهائي غربت جو شڪار آهن، رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته عالمي وبا سماجي ۽ اقتصادي ڪمزورين کي ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.
