123

پيپلزپارٽي سنڌ جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس اڄ حيدرآباد ٿيندو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي سنڌ ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس اڄ آچر 29 آگسٽ تي حيدرآباد ۾ ٿيندو. پي پي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري وقار مهدي جو چوڻ آهي ته اجلاس جي صدارت پيپلز پارٽي سنڌ جو صدر نثار کهڙو ڪندو. اجلاس ۾ سياسي صورتحال ۽ وفاقي حڪومت جي عوام دشمن پاليسين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. اجلاس ۾ وفاقي حڪومت خلاف صوبي ۾ احتجاج بابت لائحه عمل به جوڙيو ويندو. وقار مهدي چيو ته اجلاس ۾ سنڌ ايگزيڪيوٽو جا عهديدار، ذيلي تنظيمن جا صوبائي صدر، ڊويزنل ۽ ضلعي صدر شرڪت ڪندا. 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو