ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ورلڊ بئنڪ کان قرض وٺي ڪراچي وارن لاءِ ٺاهيل منصوبو ڪمرشل ٿي ويو آهي، ٽن ڪاليجن ۽ عجائب گهر وچ ۾ ٺاهيل پيپلز اسڪوائر منصوبو فوڊ اسٽريٽ ۾ تبديل ٿي ويو آهي، ڪروڙين رپين جي تعمير سان ٺهيل اسڪوائر مان بئنچون پٽيون ويون آهن، انهن بئنچن جي جاءِ تي تختا، ميزون ۽ ڪرسيون رکيون ويون آهن، جڏهن ته ريسٽورينٽ جو لوگو به نصب ڪيو ويو آهي، ياد رهي ته ورلڊ بئنڪ جي تعاون سان ٺاهيل ان منصوبي تي 10 ڪروڙ ڊالر خرچ آيو هو.
