ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مخدوم هائوس جي ترجمان واضح ڪيو آهي ته مخدوم خاندان ۾ اختلافن جي خبرن ۾ ڪا صداقت ناهي، مختلف خانگي چئنلن تي هلندڙ خبرن جو سچائي سان ڪو تعلق ناهي، هن چيو ته مخدوم خاندان ۾ ڪي به اختلاف ناهن، مخدوم خاندان هڪ هو، هڪ آهي ۽ هڪ ئي رهندو، هن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو نه رڳو هالا پر ٻين هنڌن تي به پنهنجا پروگرام ملتوي ڪيا هئا، اميد ته جلد هو هالا جو دورو ڪندو.
124