ليکڪ: لطافت علي جوهر
سنڌ ۾ سياسي ڏاهپ، حب الوطني، آزادي، امن، اتحاد ۽ ماڻهپي جهڙن اعليٰ انساني قدرن کي نوان رخ ۽ موڙ ڏئي متعارف ڪرائڻ، جيارڻ ۽ سنوارڻ ۾ شاگرد سياست جو وڏو ڪردار رهيو آهي، جن پنهنجي سوچ، فڪر، عمل ۽ اصولن کي پاسيرو رکي ڌرتي ۽ انسان ذات جي سڌاري ۽ ڀلائي لاءِ زندگي وقف ڪري ڇڏي. سنڌ جي تعميري ۽ مثبت شاگرد سياست (Positive Students Politics) جي اُفق تي هڪ نانءُ شهيد اقبال ميمڻ جو به آهي، جيڪو گھُٽ ۽ ٻوسٽ واري آمريتي دؤر ۾ اميد جو هڪ ڪرڻو بڻجي نروار ٿيو، جنهن پنهنجي پُختي عزم ۽ ارادي سان تعليمي ادارن مان غلط لاڙن جي نشاندهي ڪندي نه صرف مذمت ڪئي بلڪه سنڌ جي تعليمي ادارن مان شاگرد سياست کي ڏاڍ، دهشت ۽ داٻو ڪلچر مان نجات ڏيارڻ لاءِ عملي جدوجھد ڪئي. سنڌ جو هي شاگرد اڳواڻ ڪنهن سياسي خاندان يا ڪنهن گادي نشين جو چشم چراغ نه هو، بلڪه هڪ وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ هو. هن سياسي تعليم جو درس ڪنهن پرڏيهي يونيورسٽيءَ ۾ نه ورتو هو، هن جو پهريون ۽ آخري استاد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هو، جيڪو ذهين ۽ ڏاهپ سان مالامال شاگردن ۽ انسانن جي عزت ڪندو هو، بلڪه کين قدر جي نگاهه سان به ڏسندو هو. هن جو عشق به غريب عوام ۽ ڌرتي سان هو. هن سنڌ جي هر شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ، واهڻ واهڻ ۽ وستي وستي جي عوام منجھه سياسي شعور پيدا ڪندي کين منظم ۽ متحد رکڻ لاءِ هر علائقي ۾ ”پيپلز اسٽڊي سرڪل“ جو بنياد وڌو، جتي ”ڀٽو ازم“ جي پرچارڪ لاءِ ڏينهن رات سخت محنت ڪيائين، جنهن سان عوام اندر هڪ تحريڪ/ هلچل پيدا ٿي، جنهن عوامي اتساهه ۽ اميد جا ڏيئا روشن ڪيا. 5 جون 1968ع تي ضلعي ٺٽي جي شهر دڙو ويجھو ڳوٺ لاکا ميمڻ ۾ جنم وٺندڙ هن مرد مجاهد پرائمري تعليم دڙو ۽ سيڪنڊري تعليم ميرپور بٺورو مان حاصل ڪري اعليٰ تعليم گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سجاول ۾ داخلا ورتي. ڪاليج جي ماحول کيس پڙهائي سان گڏوگڏ شاگرد سياست ڏانهن اتساهيو جتي هن سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن (سپاف) ۾ شموليت اختيار ڪئي، جتان هن پنهنجي قائدانه صلاحيتن کي ٿوري وقت ۾ ئي مڃرائي ورتو ۽ سپاف مرڪز کيس ضلعي ٺٽي ۾ سپاف جي تنظيم سازي جي ذميواري ڏيندي ضلعي ٺٽي جو آرگنائيزر مقرر ڪيو. سياسي بصيرت، ڏاهپ ۽ تنظيمي معاملن ۾ خود اعتمادي سبب سپاف مرڪز 1989ع ۾ کيس سپاف سنڌ جو مرڪزي ثقافتي سيڪريٽري ۽ چيئرمين سنڌ ڪلچرل ونگ منتخب ڪيو. شهيد اقبال ميمڻ هڪ شعله بيان مقرر هو، هن نام نهاد حڪمرانن آڏو آواز بلند ڪيو پنهنجي جوشيلي تقريرن ۽ تحريرن ذريعي ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪيو. خاص طور اهڙي ڏکئي ۽ نازڪ دؤر ۾ جڏهن اليڪٽرانڪ توڙي پرنٽ ميڊيا، اظهار جي آزادي جي سمورن وسيلن ريڊيو، ٽي وي ۽ اخبارن تي پابندي مڙهيل هئي، سڌ سماع جا سمورا وسيلا حڪومتي تحويل ۾ يرغمال بڻيل هئا. انساني سوچن ۽ ذهنن تي پهرا لڳل هئا انهن سمورين سختين باوجود پاڻ حق پرستي جي جدوجھد ۾ سرواڻ جيان اڳڀرو رهيو هو، مسلسل ۽ مستقل هلندو رهيو، اهڙي واٽ تي جنهن جي راهه اڻانگي ۽ سفر مشڪل هو. هن کي غريبن، مصيبتن ماريل مسڪينن جو ڏاڍو فڪر رهندو هو ۽ هر وقت انهن جي حالت سنوارڻ لاءِ نت نيون تجويزون سوچيندو رهندو هو. اقبال ميمڻ پنهنجي نالي جيان بلند خيال ۽ بلند پرواز هيو. سندس ڪيل خدمتون قوم کي روشن صبح جي نويد ڏئي رهيون آهن. هو هڪ ماهه تاب هو، جيڪو ڪارن ڪڪرن مان اُڀري اونداهي رات کي روشن ڪري ويو. هو هڪ شمع هو، جنهن ڪکائن گھرن ۾ رهندڙن کي راهه ڏيکاري ۽ هن انقلاب جي عظيم آدرش لاءِ متحد ۽ منظم ٿيڻ جو درس ڏنو. اڄ دنيا ۾ موجود ناهي، پر سندس نالو ۽ خدمتون روز اول جيان زنده آهن.