ليکڪ: رياض ابڙو
اهو اسان مڃون ٿا ته تعليم قومن جون تقديرون بدلائي ٿي ڇڏي، پر مادري ٻولي سڀ کان اهم آهي، اسان انگريزي سکون ٿا جو نوڪري چڱي ملي، اردو قومي ۽ رابطي جي ٻولي ٿا سمجهون، عربي اسان جي مذهبي ٻولي ۽ سڀاڻي اسان جي نسلن کي چيني ٻولي به سکڻي پوندي جو دنيا جا سپر پاور متان چينج ٿي وڃن، پر 1973ع وارو ٻولين جو بل ۽ ارڙهين ترميم ان ڳالهھ جو ثبوت آهن ته صوبا پنهنجو نصاب تيار ڪرڻ ۾ خودمختيار آهن، اها 18هين ترميم رڳو سنڌ صوبي جي لاءِ ته ناهي نه، اها ته پنجاب سوڌو بلوچستان ۽ ڪي پي جي لاءِ به آهي پوءِ تعصب رڳو اسان سان ڇو؟ ماڻهن جي ڊرائنگ روم لينگئيج ته پنهنجي پنهنجي آهي، پوءِ ٻولي جو زور رڳو اسان جي مٿان ڇو؟ ٻيا صوبا ته پنهنجن ٻارن کي پنهنجين ٻولين ۾ پرائمري تعليم ڏئي رهيا آهن، پوءِ ثانوي تعليم ڀلي انگريزي ۾ هجي يا ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾، ان ۾ اسان کي اعتراض ناهي، اسان ته نوڪرين جي حاصلات جي لاءِ انگريزيءَ جا شارٽ ڪورسز به ڪيون ٿا، اسان ته انگريزي ميڊيم اسڪولن ۾ به پڙهون ٿا، توڙي جو ورهاڱي کانپوءِ ڪراچي جا هڙئي سنڌي ميڊيم اسڪول اردو ميڊيم ڪيا ويا هئا، جيڪي هاڻي وري اردو به ناهن رهيا ۽ اردو به نه ٿا پڙهائين ۽ وڏن شهرن ۾ ته اردو اسڪول ئي ناهن رهيا، يا انهن ۾ ته اردو ئي نه ٿي پڙهائي وڃي ته ان ۾ اسان جو ڪهڙو قصور؟ يا ٻين صوبن ۾ جي اردو نه ٿي پڙهائي وڃي ته ان ۾ اسان سنڌي قوم جو ڪهڙو ڏوھه، اردو وارا پاڻ به اردو نه ٿا پڙهن، اسان ڇو پڙهون؟ هاڻي ته وفاقي بورڊ ۾، آڪسفورڊ ۽ سنگاپور جي بورڊن ۾، آغا خان جي تعليمي بورڊ ۾ نه اردو آهي نه اسلاميات آهي، نه ميڊيم آهي نه سبجيڪٽ آهي، اهي سڀ ته انگريز ي ۾آهن، پوءِ اسان جي مٿان زور ڇو؟ سوال اهو آهي ته هڪجهڙو نظام، نصاب، ميڊم، اسڪول يا عمارتون ڪيئن ٿينديون؟ نظام مان مراد آهي؟ تعليمي نظام معنيٰ ٻار جيڪي نرسري، مونٽيسري يا پريپ ۾ پڙهن ٿا اهي نه پڙهندا، يا ٻار جيڪي مدرسن مان عالم ۽ فاضل جون ڊگريون وٺي ٿا اچن اهي ختم، نظام ڇا آهي؟ ڪجھه اسڪول جيڪي سرڪاري آهن ۽ ٻارن کي پرائمري ڪلاس کان وٺي ٻارهين ڪلاسن تائين پڙهائن ٿا اهي نه پڙهائيندا؟ اهي اسڪول الڳ ٿي ويندا، اسڪولن ۾ هيڊ ماستر جي جاءِ تي هاڻي پرنسپال هوندو، پرائمري جي ٻارن کي پڙهائڻ وارا استاد ايم اي پاس رکيا ويندا، يا اهي سرڪار وارا هاڻي گريجوئيٽ جي ڊگري به ماستري جي لاءِ نه وٺندا؟ يا جيڪي استاد پاڻ چوڏهن چوڏهن جماعتون پڙهي به ٻارن کي رڳو پرائمري ٿا پڙهائين اهي هاڻي مٽجي ويندا، نظام ته هر جاءِ تي الڳ آهي، جتي جهڙي سهولت آهي اتي اهڙا اسڪول آهن پوءِ نظام ڪيئن مٽبو؟ يا پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم رڳو ميڊيم مٽائڻ ۽ سنڌي ٻولي ختم ڪرڻ چاهين ٿا؟ ڀٽائي، سچل، سامي، دودو، هيمون، هوشو ڇڏي ٻارن کي مغرب جا هيرو پڙهايون، اهي ته انگريزي جي ڪتابن ۾ پڙهائين ٿا، اهي ته سبجيڪٽ طور آهن، ٻار جيئن جيئن مٿي اسڪولن ۾ چڙهن ٿا اهي ته فزڪس، ڪيمسٽري، بايولاجي، ميٿ، زولاجي، باٽني، ميڊيڪل، انجنيئرنگ، ڪامرس، ڪمپيوٽر جا سبجيڪٽ پڙهن ٿا، جيڪي ٻار ڪاليجن ۽ يوينورسٽين ۾ پڙهن ٿا اهي ته انگريزي ميڊيم ٿا پڙهن، پوءِ ان ۾ نظام جي تبديلي ڪهڙي؟ يا اهي نظام رڳو سرڪاري اسڪولن جي لاءِ هوندا، پرائيويٽ اسڪولن ۾ هي سرڪاري عملدار ته مهل تي ويڪيشن به نه ٿا ڪرائي سگهن، ڇو ته هي پرائيويٽ اسڪولن جا تعليمي نظام ۽ نصاب تبديل نه ٿا ڪري سگهن، ڪجھه به ٿي پئي، ٻار جيڪي او ۽ اي ليول ۾ اچن ٿا اهي ڪهڙي نظام جو کاڄ ٿيندا آهن؟ يا ٻار جيڪي او ۽ اي ليول پاس ڪري ٿا اچن، جن جو پروفائيل هاءِ ٿو ٿئي، جيڪي ٻار لکين رپيا فيس ڀري مهانگن اسڪولن مان تعليم پرائي ملڪ جي ادارن جا سي اي اوز، پريزيڊنٽ ۽ ادارن جا اڳواڻ ٿا ٿين اهي پوءِ ڪهڙي اسڪولي نظام مان ايندا، آئون سمجهان ٿو ته غريب جو ٻار ۽ امير جو ٻار هڪ نصاب نه ٿو پڙهي سگهي، ان ڪري ته طبقاتي تعليمي نظام تبديل نه ٿو سگهجي، هڪ اسڪول لکين رپيا رڳو مهينو فيس ٿو اوڳاڙي ۽ هڪ اسڪول جيڪو سرڪاري آهي جنهن ۾ ٻار بينچن تي ويهي يا وڻن جي هيٺان پرائمري تعليم پرائين ٿا اهي هڪجهڙا ڪيئن ٿيندا؟ حڪومت جي وس ۾ بس اهو آهي ته جيڪي به سرڪاري اسڪول آهن انهن کي آهستي آهستي يو ايس ايڊ ۽ يونيسيف جي پروگرامن جي هيٺ ڏئي امدادن تي پنهنجو پيٽ به پاليندا رهن ۽ غريب عوام جو پورائو به ڪن، تعليمي ميڊيم ۽ ٻولي مدرسن، سرڪاري اسڪولن، اي سي ۾ ويٺل او ۽ اي ليول جهڙن انگريز ٻارن جي هڪ نه ٿي ڪري سگهجي، اها حقيقت پي ٽي آءِ کي مڃڻ گهرجي، ”او ۽ اي“ ليول وارن ٻارن جي والدين کي به اها ڳالھه سمجهائي ويندي آهي ته اهي پنهنجن گهر ۾ ٻارن سان انگريزي ڳالهائين، يا جن اسڪولن ۾ وزيرن ۽ اميرن جا ٻار پڙهن ٿا انهن اسڪولن جي انتظاميا انهن والدين کي چڱو سمجهندي آهي جيڪي فر فر انگريزي ڳالهائيندا آهن، ان ڪري نظام ۽ نصاب مٽائڻ هن حڪومت جي وس جي ڳالھه ناهي، يا صدين تائين ڪير ان ڳالھه کي مٽائي ۽ تبديل نه ڪري سگهندو، نظام ۽ ميڊيم جي ڳالھه ڪندڙ اسيمبليءَ جي ڪاروائي اردو ۾ هلائي ڏيکارين، پاڪستان جو آئين، آرٽيڪل، شڪون، سرڪيولر ۽ ليٽر اردوءَ ۾ ڪري ڏيکارين؟ ورهاڱي وقت پاڪستان جي ست ڪروڙ آبادي واري ملڪ جا 7 سيڪڙو اردو ڳالهائڻ وارا هاڻي ڏينهون ڏينهن وڃن ٿا گھٽبا، هاڻي اهو مڃڻ ضروري آهي ته ٻولي جي ٿڦڻ سان ڪير به ٻولي وڌائڻ ۾ ڪاميابي نه ماڻيندو.