96

افغانستان جون حالتون ۽ پاڪستان لاءِ سبق…

ليکڪ: سليم صافي

جڏهن حامد ڪرزئي افغانستان جو صدر هو ان وقت سندس باري ۾ پاڪستان ۽ افغانستان اندر به اِها پروپيگنڊا ڪئي پئي وئي ته جيئن ئي هُو صدارت ڇڏيندو ته آمريڪا يا هندستان هليو ويندو پر ائين نه ٿيو. صدارت تان رٽائر ٿيڻ بعد به هُو نه صرف افغانستان ۾ رهيو پر سياست ۽ سفارتڪاري ٻنهي ۾ حد درجي جو فعال به رهيو. جڏهن طالبان ڪابل ۾ داخل ٿي رهيا هئا ته افغانستان جو صدر ڪرزئي نه پر اشرف غني هو. حامد ڪرزئي نه پر اشرف غني سينو تاڻي چئي رهيو هو ته هُو آخري وقت تائين وڙهندو، پر ٿيو ائين جو اشرف غني پنهنجن ويجهن ساٿين کي به ڇڏي ڀڄي ويو ۽ حامد ڪرزئي ۽ ڊاڪٽر عبدالله عبدالله ڄميل رهيا. جڏهن اشرف غني فرار ٿي ويو ته حامد ڪرزئي پنهنجين ننڍڙين نياڻين سان گڏ وڊيو جاري ڪري پنهنجي ساٿين ۽ قوم کي تسلي ڏني ته هُو ڪابل ۾ موجود آهي ۽ رهندو. واضح رهي ته ان وقت تائين طالبان پاران عام معافي جو اعلان نه ٿيو هو ۽ اِها به خبر نه هئي ته طالبان ڪابل ۾ داخل ٿيڻ بعد ان جهڙن ماڻهن سان ڪهڙو ورتاءُ ڪندا؟ سوال اِهو آهي ته هڪ ئي ملڪ جي ٻن پختونن جي انهن مختلف روين جو سبب ڪهڙو هو؟ ۽ ان ۾ اسان پاڪستانين لاءِ ڪهڙو سبق آهي؟ سبب اِهو آهي ته اشرف غني جو اولاد افغانستان ۾ نه هو، جڏهن ته حامد ڪرزئي جو اولاد افغانستان ۾ آهي. ٻيو سبب اِهو هو ته اشرف غني گهڻو عرصو پرڏيهي ملڪن ۾ رهيو آهي ۽ حڪمراني لاءِ افغانستان آيو هو، جڏهن ته حامد ڪرزئي ڌرتي جو پٽ آهي، هُو فرشتو ناهي. ان جي حڪومت به سٺي ۽ مثالي حڪومت نه هئي. ان جي شخصيت ۾ به اُهي اڪثر خاميون موجود آهن جيڪي ٻين افغان اڳواڻن ۾ آهن، پر هُن ماضيءَ ۾ به ڪيترائي ڀيرا پنهنجي جان خطري ۾ وڌي ۽ هاڻ به ائين ئي ڪيو. انهن ٻن مثالن ۾ اسان پاڪستانين لاءِ سبق اِهو آهي ته ڪير ڪيترو به محب وطن بڻجڻ جي ڪوشش ڇو نه ڪري پر جيڪڏهن ان جو اولاد هِن ملڪ ۾ ناهي ۽ جيڪڏهن ان جي اولاد جو مستقبل هِن ملڪ سان لاڳاپيل ناهي ته هُو ڪنهن به مشڪل واري صورت ۾ اهڙي طرح ڀڄي سگهي ٿو، جيئن اشرف غني ڀڄي ويو. ٻيو سبق اِهو آهي ته شوڪت عزيز وانگر هِي جيڪي ٻاهران ايندڙ دانشور هوندا آهن، حڪومت ختم ٿيندي ئي ڀڄي ويندا آهن ان ڪري هِي جيڪي عمران خان جي چوڌاري جمع ٿيل آمريڪا، برطانيا ۽ ڪئنيڊا مان آيل بقراط ۽ سقراط آهن جيئن ئي سندس حڪومت ختم ٿيندي سڀ ڀڄي ويندا. حامد ڪرزئي ۾ اِها صلاحيت هئي ته هُو هر طرح جي افغانين کي گڏ هلائي سگهيو ٿي. مثال طور هُن اڳوڻن مجاهدن جن کي وار لارڊ چيو ويندو هو کي به گڏ رکيو. (جيتوڻيڪ اُهي ملڪ ۾ چور ۽ ڦورن جي نالي سان مشهور هئا) هُن رشيد دوستن جهڙن ماڻهن کي به گلي لڳايو ايستائين جو لباس به اهڙو پائيندو هو جنهن ۾ ڏکڻ ۽ اتر ٻنهي طرفن جي قوميتن جي نمائندگي ٿي ويندي هئي، ائين هُو ملڪ ۾ بدنام رهيو ته هُن چورن، قاتلن ۽ ڦورن کي گڏ رکيو آهي، پر ٻئي طرف حقيقت اِها هئي ته اُن ۾ رشيد دوستن جهڙا به هئا، ازبڪن ۾ سندس پاڙون هيون ۽ اهڙي طرح مارشل فهيم، يونس قانوني ۽ عبدالله عبدالله سٺا هئا يا خراب پر تاجڪ انهن کي پنهنجو ليڊر مڃيندا هئا. اِها پوزيشن هزارا ڪميونٽي ۾ استاد محقق ڪريم خليلي جي هئي. پختون علائقن ۾ هُن صاحب حيثيت ماڻهن کي عهدا ڏنا، ان ڪري هُو اشرف غني جي مقابلي ۾ ڪيترائي ڀيرا بهتر حڪمران ثابت ٿيو. ڪرپشن ٻنهي جي حڪومتي ۾ هئي پر هُن جي دور ۾ طالبان ڪابل ته ڇا ڪنهن به صوبي تي فتح نه ڪري سگهيا. ٻئي طرف هُو آمريڪين کي به اکيون ڏيکاريندو رهيو. گهرو محاذ تي پنهنجي پاڻ کي هُن مضبوط رکيو هو، ان ڪري هُن ۾ اِها همت هئي ته آمريڪين کي قطر ۾ طالبان سان سڌيءَ ريت ڳالهيون ڪرڻ نه ڏنائين، جان ڪيري کي دڙڪا ڏئي آفيس مان ڪڍي ڇڏيائين. آمريڪين جي نائٽ ريڊز جي مخالفت ڪندو رهيو ۽ آخري هڪ سال ۾ آمريڪي منٿون ڪندا رهيا پر هُن انهن سان ايندڙ 10 سالن لاءِ سندن ٽرمز تي ٻڌل ٺاهه تي صحيحون نه ڪيون. ٻئي طرف اشرف غني صدر ٿيندي ئي آمريڪين جي ان ٺاهه تي صحيحون ڪيون، ان جي ابتڙ اشرف غني مغرب ۾ پڙهيل حمدالله محب جهڙن جوانن يا وري امرالله صالح جهڙن بدزبانن تي ڀاڙيو، جن جون افغان سوسائٽي ۾ پاڙون نه هيون، ان ڪري سندس حڪومت جو جيڪو حشر ٿيو اُهو سڀني جي آڏو آهي. ٻنهي حڪومتن جي مختلف انجام سان اسان پاڪستانين کي اِهو سبق ملي ٿو ته حڪومت اُها مضبوط هوندي آهي جيڪا جعلي نه پر قوم ۾ پاڙون رکندڙ اصلي نمائندن تي ٻڌل هجي. اهڙي حڪومت ڀلي چور ۽ ڪرپٽ مشهور ڪيل ماڻهن جي ڇو نه هجي، گهرو محاذ تي به ڪامياب ثابت ٿئي ٿي ۽ پرڏيهي قوتن آڏو به ڄمي سگهي ٿي، پر جيڪڏهن اُها جعلي طور تي ليڊر ٺاهيل ماڻهن يا وري بد زبانن تي ٻڌل هجي ته ملڪ لاءِ ڪنهن به وقت اشرف غني جي حڪومت ثابت ٿي سگهي ٿي. واضح رهي ته اشرف غني به بي تحاشا ميڊيا مئنيجر رکيا هئا ۽ نه صرف اليڪشن مهم سوشل ميڊيا جي ذريعي هلائي هئي پر حڪومت به گهڻو ڪري سوشل ميڊيا جي زور تي هلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. هُو آخري وقت تائين سوشل ميڊيا ۾ ڪامياب ۽ محبوب ترين صدر هو پر عملي طور ڇا هو، اِهو سڀني ڏسي ورتو. افغان فوج حامد ڪرزئي جي دور ۾ ٺهڻ وارن مرحلن مان گذري رهي هئي ۽ جڏهن هُن اقتدار ڇڏيو ته هڪ لک فوج جي تربيت به مڪمل نه ٿئي هئي، ان جي ابتڙ اشرف غني جي دور ۾ فوج جو تعداد تقريبن 3 لک ٿي ويو هو، جن ۾ 50 هزار اسپيشل فورسز جا ماڻهو هئا، انهن کي جديد ترين هٿيار پڻ ڏنا ويا هئا. ماضيءَ ۾ اُهي ڄمي طالبان سان وڙهندا رهيا پر اشرف غني جي دور ۾ اِها فوج واريءَ جي ديوار ثابت ٿي، سبب اِهو هو ته حامد ڪرزئي جي ابتڙ اشرف غني ان فوج کي ويڙهه تي راضي ئي نه ڪري سگهيو. ان سبب اِهو به هو ته هِن ڀيري اشرف غني جي چونڊ بلڪل عمران خان جي چونڊ وانگر هئي، هر افغان ڄاڻي ٿو ته هِي اصلي نه پر جعلي حڪومت آهي، جيڪا چونڊن ۾ ڌانڌلي جي نتيجي ۾ اقتدار ۾ آئي آهي، ان ڪري اشرف غني جي حڪومت افغانستان ۾ انتهائي غير مقبول هئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو