122

هند ۽ سنڌ کان وڇڙي ويل واسديو موهيءَ جي جيون ڪٿا

ليکڪ: ڊاڪٽر سنڌيا چندر ڪندناڻي

واسديو موهي جا وڏا سنڌ ۾ ميرپورخاص ۾ تمام سکيا ستابا هئا، جتي موهيءَ جو جنم 2 مارچ 1944 ۾ شري وينسيمل سڌناڻي جي گهر ۾ ٿيو، موهي اڃا ٽن سالن جو مس هو ته ورهاڱو ٿيو،ورهاڱي سبب سندس وڏا هٿين خالي اچي جوڌپور ۾ رهيا، واسديو موهيءَ جي اسڪول ۾ داخلا ٿي اُن وقت اُتي ڪو سنڌي اسڪول نه هو، گهر جو ماحول سنڌي هجڻ جي باوجود موهي کي هندي اسڪول ۾ داخلا وٺڻي پئي جيتوڻيڪ هندي هن لاءِ ڌاري ٻولي هئي جنهن ڪري هن ٻالڪ جي ذهن تي ايترو اُڀري ته نه سگهي پر ڪجهه ڪجهه سمجهڻ جي هن ڪوشش ضرور ڪئي،سندس پيءُ ڌنڌي جي خيال کان 1950ع جي لڳ ڀڳ موهيءَ کي ساڻ ڪري احمدآباد اچي وسيو، مالي حالت تمام بري هئڻ سبب کين سائيڪلن جي دوڪان تي رهڻو پيو، جنهن دوڪان جو ماحول مسافر خاني جيان هو، هتي به وري ساڳئي ڪار هئي نه سنڌي اسڪول نه ئي وري ڪو هندي اسڪول موهي کي گجراتي اسڪول ۾ داخلا ملي، نئين ماحول ۾ نئون اسڪول هڪ ٻار جي سامهون وڏو مسئلو هو، جيڪو مسئلو موهي پاڻ ئي حل ڪندي گجراتي به سمجهڻ لڳو،واسديو موهي جو باقي سمورو ڪٽنب سال اندر ئي احمدآباد اچي ويو، سندس چاچا،چاچيون، سوٽ، ٻه ڀائر ڪشن ۽ پرشوتم هڪ ڀيڻ هيرو هڪ چال ۾ سڀ گڏجي رهيا، پاسي ۾ ارجن تنواڻي رهندو هو جيڪو اُن وقت اڃا ”حاسد“ جي نالي سان مشهور نه هو، اُن چال ۾ رهندي واسديو موهي ساهتيه سرجڻ جي شروعات ”ڀنڊاري“ ڪهاڻيءَ سان شروع ڪئي ۽ پوءِڪبيرنگر جي ريلوي ڦاٽڪ وٽ هڪ سنڌي اسڪول هو جتي موهيءَ کي داخلا ملي، جيتوڻيڪ سندس هندي ۽ گجراتي پڙهائي اُن وقت ته بيڪار وئي، پر جيئن ته تعليم ڪابه بيڪار نه ويندي آهي ان جو اڳتي هلي فائدو ضرور ملندو آهي، جيتوڻيڪ واسديو موهيءَ کي واپس پهرين درجي ۾ داخلا وٺڻي پئي پر موهي صحيح معنيٰ ۾ اسڪولي پڙهائي جو لطف ماڻيو، پر وري هن ٻار لاءِ نئون مسئلو پئدا ٿيو اُتي سنڌي اسڪول فقط چوٿين درجي تائين هو، جنهن ڪري موهيءَ کي مجبورن وري گجراتي اسڪول ۾ داخلا وٺڻي پئي،واسديو موهي پڙهڻ ۾ تمام تيز فهم هو، پر هن ٻار سان شروع کان وڏي ٽريجدي ٿيندي آئي ۽ گجراتيءَ جي پنجين درجي ۾ فيل ٿي پيو، جنهن ڪري کيس پڙهائي تان هٿ کڻڻا پيا ۽ کيس سائيڪل جو دوڪان سنڀالڻو پيو، جتي هن سائيڪل کولي وري فٽ ڪرڻ جو ڪم سنڀاليو ۽ اُن وقت پانچوڪوئا ۾ لائبرري هلندي هئي واندڪائي وقت موهي اُتان ڪتاب وٺي پڙهندو هو ۽ سندس بابا گهر ۾ ئي کيس انگريزي سيکاري، ائين وري انگريزي اسڪول ته نه چئجي پر ڪلاسز ۾ کيس پڙهڻو پيو ته گڏوگڏ واردا پاران هن هندي جا امتحان به پاس ڪيا، ائين ڪلاسز ۾ هن پڙهائي جاري رکي، ڪجهه نيڪ ماڻهن جي سفارش سان نائين درجي ۾ کيس آدرش هاءِ اسڪول ۾ باقائدي داخلا ملي جتي مينگهراج جارواڻي جهڙو قابل استاد اسڪول کانپوءِ کيس ٽيوشن ڏيندو هو،پر اها واسديو موهيءَ جي بدقسمتي هئي جو ايترو ذهين شاگرد هوندي، جيڪو ٻار پهرين درجي کان پڙهائي جي مسئلن کي حل ڪندو آيو ان کي اسڪولي طريقي تحت نائين درجي مان ستين درجي ۾ موڪليو ويو، هو ٻه ڏاڪا هيٺ ڪريو پر هن همٿ نه هاري وري چاهه سان پڙهڻ شروع ڪيائين، پڙهائي ۾ ته هي ننڍپڻ کان ئي تيز هو جنهن ڪري ماسترن جو لاڏلو بڻيو. اسڪول ۾ پڙهندي، جانڪي نالي ڇوڪريءَ سان هن جي دوستي ٿي، جيڪا هن جي گهر جي ڀر ۾ رهندي هئي ۽ ارجن حاسد جي ڀاڻيجي هئي، ارجن حاسد سنڌي شاعريءَ جي کيتر جو تمام وڏي مقام جي شاعر کان موهي شاعريءَ جو فن سکيو، واسديو موهي ۽ جانڪي جي دوستي پيار ۾ بدلجي وئي، ٻئي سڀني جي نظرن کان بچندي پاڻ ۾ گهمندا هئا، شاعرن جي سٿ ۾ موهي جو نالو 1962ع ۾ شمار ٿيو، ڪهاڻيءَ جي ميدان ۾ هن 1980ع ۾ قدم رکندي پهرين ڪهاڻي ”ڪارڻ“ لکي ۽ ان وچ جي سالن ۾ موهي جو قلم شاعري ۾ زور شور سان هلندو ئي رهيو آهي، 1963ع ۾ مئٽرڪ جي امتحان ۾ سٺين مارڪن جي ڪري کيس سينٽ زيويئرس ڪاليج ۾ سائنس جي داخلا ملي، پر وري به بدقسمتيءَ سندس ساٿ نه ڇڏيو، مالي حالت ۾ ڪو به سڌار نه هئڻ سبب ٻئي ٽرم جي في ڪونه ڀري سگهيو، غريب ٻار جي پڙهائي ننڍپڻ کان قسطن ۾ ٿيندي آهي، پر موهي جي همٿ ۽ حوصلو ڪڏهن به ڪونه گهٽيا، وري به سندس پريم جي پيچ جو نصيب زور هو جو 1964ع ۾ هن جي شادي جانڪيءَ سان ٿي، شاديءَ کانپوءِ وري هن پڙهائي جي       /بقايا ڏسو صفحي نمبر 02 تي
پٽڙي سنڀالي ۽ مالي حالتن کي منهن ڏيندي اندور مان انٽر جو امتحان ڏنو ۽ 1965ع ۾ هن کي هڪ اسڪول ۾ ماستري ملي، پر سال اندر ئي کيس ايل آءِ سي ۾ نوڪري ملي، جتي پوءِ پريم پرڪاش به هن سان گڏ نوڪري ڪندو هو، واسديو موهي جا سوٽ دبئي ۾ وسيل هئا، موهي به دبئي جي انڊين اسڪول ۾ هڪ دفعو وري ماستريءَ جي نوڪري ڪئي، جڏهن ته سندس ٻئي ڀائر پرشوتم، ڪشن، سندس زال جانڪي ۽ ٻار به هن سان هئا، ته گڏوگڏ ادبي دوستن جو به ساٿ رهيو، موتي پرڪاش، ڪلا پرڪاش، موهن گيهاڻي، گوپ ڪمل، گورڌن شرما، شريڪانت صدف، پر دبئي ۾ به سندس پويان ڏينهن پيڙاوارا رهيا جو سندس زال، ڌيءُ نيتو ۽ پٽ سنيل احمدآباد اچي رهيا، ڀارت ۾ اچي سنيل بيمار ٿي پيو، پهرين گهروارن موهي کي هن خبر کان بي خبر رکيو پر پوءِ کيس ٻڌايو ويو جنهن ڪري موهي دبئي مان احمدآباد آيو،2003 ع ۾ جوان پٽ سنيل جو وڇوڙو ڏٺائين موهي اکين سان پٽ کي هڪ هڪ ساهه ڇڏيندي ڏٺو، هڪ پيءُ کي پٽ جو لاش کڻڻو پوي اهڙي بدنصيبي جي دور مان موهي کي گذرڻو پيو، ٻال اوسٿا کان هلندڙ بدنصيبي جو سايو پيريءَ ۾ به موهي جي پٺيان ئي لڳو رهيو، وڇوڙا ڏاڍا ڏک ڏيندا آهن، پوءِ ڪهڙي به رشتي جو وڇوڙو هجي ۽ خاص ڪري پيءُ کي پٽ جو لاش جڏهن پنهنجن ڪلهن تي کڻڻو پوي ته اهو انسان ته جيئري ئي ڄڻ ختم ٿي ويندوآهي، پر ڳوڙها اُگهندي، اکين جي ڇپرن تي بند ٻڌندي، منهن تي مرڪ آڻيندي، اندر بلڪل ٽٽل هوندي به هو واپس زندگيءَ طرف موٽڻو پوي ٿو، واسديو موهي پُٽ جي انتم سنسڪار کان پوءِ سڄي ڪٽنب سميت دبئي هليو ويو، سندس بدقسمتي اُتي اول ئي کپ کوڙي ويٺي هئي. ٻئين ڏينهن هن جو ڀاءُ ڪشن به هي سنساري سفر تياڳيو، پٽ ۽ ڀاءُ جي وڇوڙي موهي جي دل کي چيري ڇڏيو، 2004ع ۾ موهي دبئي ڇڏي ڪٽنب سميت احمدآباد آيو، واسديو موهيءَ جي زندگيءَ تي جيڪڏهن سرسري نظر وجهجي ته هن جي ڏکن جو ڪارڻ ورهاڱو ئي آهي، نه ته هن جا وڏا سنڌ ۾ تمام سکيا ستابا هئا،2004ع کانپوءِ واسديو موهي وري هڪ دفعو پريم پرڪاش جي ساٿ ۾ آيو ۽ مرڪزي ادبي اڪيڊمي جو واڳون سنڀاليائين، جيتوڻيڪ هن کي ويجهڙائيءَ ۾ دل جي بيماري ٿي پر وري هن دل تي اهو ننڍپڻ وارو ساڳيو همٿ ۽ حوصلي جو مرهم لڳايو ۽ وري هڪ دفعو تيز رفتاري سان نه فقط سنڌي ٻولي، پر هندي ۽ انگريزي جو پڻ ادب سرجڻ لڳو،موهي ورهاڱي وقت ٽن سالن جو هو پر هن جي ڪوتا ۽ ڪهاڻين ۾ ورهاڱي جو درد سمايل آهي، سندس هڪ شعر آهي ته:

تون هتان هڪ دري کول، مان ڀت ڀڃان،

ختم ايئن قوم ساريءَ جو بنواس ڪر.

سندس ڪهاڻين جا ٻه مجموعا ”چيڪ بوڪ“ ۽ ”ڏيڍ ڳنڍ“ شايع ٿيل آهن، ”چيڪ بوڪ“ ڪتاب ۾ جملي 13 ڪهاڻيون آهن، هن جي ڪهاڻين ۾ موضوعن جي نواڻ آهي ۽ ڪهاڻيون لکڻ ۾ ليکڪ خاص مهارت حاصل ڪئي آهي، ڪتاب ”ڏيڍ ڳنڍ“ ۾ 11 ڪهاڻيون آهن. ڪهاڻين ۾ بلڪل موضوع ۽ ماحول جي نواڻ جا چٽا عڪس پسڻ لاءِ ملن ٿا، واسديو موهي جون يارهن ئي ڪهاڻيون لاجواب ۽ بي مثال آهن، آخر ۾ آئون ايترو چونديس ته هندستان جي حوالي سان واسديو موهي جون ڪهاڻيون سنڌي ادب ۾ خاص ۽ هن ڏهاڪي ۾ اول درجو والارين ٿيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو