ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مومن آباد ٿاڻي جي حد ۾ واقع اورنگي ٽائون سيڪٽر 10 جي فقير ڪالوني ۾ نامعلوم هنڌ تان آيل گولي لڳڻ جي ڪري 13 ورهين جو محمد عاصم پٽ فقير محمد زخمي ٿي پيو جنهن کي عباسي شهيد اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي بابت جاچ ڪري رهيا آهيون.
