114

اسلام آباد ۾ تيز برساتن کانپوءِ سي ڊي اي جو عملو سرگرم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هڪ ڏينهن اڳ پيل تيز برساتن کانپوءِ سي ڊي اي جو عملو سرگرم ٿي ويو آهي روڊن تي پاڻي جي نيڪاسي لاءِ ڪم کي تيز ڪري ڇڏيو آهي،سي ڊي اي جي انتظاميا موجب برساتي نالن جي نگراني لاءِ سي ڊي اي جو عملو فيلڊ ۾ موجود آهي جڏهن ته سمورا رسپانس سينٽر فعال آهن. اسلام آباد جا سمورا روڊ، نالا ۽ نيڪاسي جو لائنون صاف آهن،سي ڊي اي سانوڻي جي برساتن ۾ 24 ڪلاڪ الرٽ آهي ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي جڏهن ته هنگامي حالتن ۾ سي ڊي اي جي هيلپ لائن تي رابطو ڪري سگهجي ٿو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو