113

سنڌ حڪومت کي ڪراچي جي ترقي لاءِ دعوت، شهباز شريف مانگر مڇ وارا ڳوڙها نه ڳاڙي:گورنر

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت سنڌ سرڪار کي ڪراچي جي ترقي لاءِ گڏ ويهڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي، سنڌ جي گورنر  عمران اسماعيل چيو آهي ته شهباز شريف مانگر مڇ وارا ڳوڙها ڳاڙي پيو، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اچو ته ڪراچي لاءِ سوچون،سنڌ واحد صوبو آهي،جتي ڪو به نئون ڊيم نه پيو ٺاهيو وڃي،ترقي تي ڌيان نٿو ڏنو وڃي، گورنر وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾مانگرمڇ وارا ڳوڙها ڳاڙيندڙ شهباز شريف ٻڌائي ته انهن پنهنجي دور ۾شهر جي ترقي لاءِ ڇا ڪيو هو؟ سنڌ ۾مسئلن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، حڪومت جلسن جي اجازت ڏئي پئي، ٻيون سموريون سرگرميون معطل ڪري ڇڏيون آهن، هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ 5 سالن جو مدو پورو ڪندي،ڪراچي ۾ بهتر ٽرانسپورٽ لاءِ اسٽيٽ آف دي آرٽ بسون هلائينداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو