120

پيپلزپارٽي پاران سنڌ جي حقن لاءِ 5 سيپٽمبر کان احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي پاران وفاقي حڪومتن جي ناانصافين کي نظر ۾ رکندي 5 سيپٽمبر کان 2 آڪٽوبر تائين وفاقي حڪومت خلاف سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي  _ اهڙو اعلان صوبائي صدرپي پي پي نثار کھڙو ، سينيٽر تاج حيدر،سينيٽر سسئي پليجو سان گڏ صوبائي وزير آبپاشي ڄام خان شوري جي رهائشگاهه ڳوٺ ڪرن خان شورو ۾  پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو _ صوبائي صدر پي پي پي  نثار احمد کهڙو چيو ته ھن نااھل حڪومت جا ناڪام  ٽي سال مڪمل ٿيا آهن ۽ ھو ڪاميابي جو راڳ آلاپي رھيا آھن پر زميني حقائق ان کان مختلف آهن ـ هن چيو ته  ملڪ جي پيداوار ۾ 70 سيڪڙو زراعت تي آھي ۽ زرعي معيشت مستحڪم هجڻ ڪري اسان وٽ ڏڪار نه آيو آھي ۽ مختلف وقتن تي اسان صورتحال کي منهن ڏنو آھي  پر هن وقت سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري سنڌ جي زراعت کي  ڪاپاري ڌڪ هنيو ويو آهي _هن چيو ته هڪ پاسي مهانگائي سبب زرعي ڀاڻ جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن ته وري مٿان وفاق پاڻي به بند ڪري ڇڏيو آهي  ۽ سنڌ صوبي کي 91 جي ٺاهه مطابق هن جي حصي جو جائز حق به نٿو ڏنو وڃي جڏهن ته ٺاهه مطابق پاڻي جي استعمال ۾ زراعت کي ترجيحي ۾ رکيو ويو آهي پر وفاقي حڪومت جي نااهلي ۽ ناانصافي سبب پنجاب ۾ چشما جهلم لنڪ ڪينال ۽ ٽي پي لنڪ ڪينال کوليا ويا آهن ـ هن چيو ته سنڌ صوبي سان پاڻي جي معاملي ۾ وڏي ويساھ گھاتي ڪئي پئي وڃي ۽ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۽ گڊو ۾ پاڻي جي کوٽ آھي  جڏهن ته ارسا ان مسئلي تي مسلسل خاموش آهي _هن چيو ته آئين موجب ارسا جي نمائندگي هجڻ لازمي آهي پر افسوس ته هن وقت ارسا ۾ سنڌ جو ڪو به نمائندو موجود نه آهي  _ هن چيو ته اسان ڪنهن صوبي سان جھيڙو نٿا ڪيون اسان ارسا سان مطالبو ٿا ڪيون تـ سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي ـ صوبائي صلاحڪار چيو ته هر سال سنڌ ۾ رڳو چانورن جي فصل  70 ارب رپين جي ٿيندي آهي جيڪو هن سال پاڻي نه ملڻ ڪري نقصان ٿيو آهي ـ ھن چيو تـ وفاق پاران ٻيو اهو  ظلم ڪيو ويو آھي ته اسيمبلي مان پاس ڪيل ايڪٽ کي رد ڪندي  15 سالن کان سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ وفاقي کاتن جهڙوڪ او جي ڊي سي ايل , آئي بي , ايف آئي اي ، ڪي پي ٽي ۽ ٻين کاتن مان  16000 ملازمن کي بيروزگار ڪيو ويو آهي جيڪا تمام وڏي ناانصافي ۽ قانون جي ڀڃڪڙي آهي ـ هن وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت پاران آدمشماري ۾ به سنڌ صوبي سان زيادتي ڪئي وئي آھي جنهن جا تفصيل به موجود آھن ۽ ان  معاملي کي صوبائي حڪومت پاران گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ اٿاريو ويو آهي  تنهن باوجود به اسان جي هڪ نٿي ٻڌي وڃي _ ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته 91 ٺاھ ۾ به نا انصافي موجود آھي پر ان تحت سنڌ کي ان جي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي ـ ھن چيو ته ارسا جي چيئرمين کي ھٽايو وڃي ۽ سنڌ جو نمائندو به رکيو وڃي ـھڪ سوال جي جواب ۾ نثار کھڙو چيو ته اسان سنڌ جي ٻين سياسي توڙي سماجي ڌرين کي به ان احتجاج ۾ شرڪت جي دعوت ڏئي رهيا آهيون _ ھڪ سوال جي جواب نثار کھڙو چيو تـ مخدوم ھائوس ۽ پيپلز پارٽي ۾ ڪو اختلاف ناھي ۽ انھن افواھن ۾ ڪا به صداقت ناھي ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تمام  جلد مخدوم ھائوس جو دورو ڪندو ـ ھن چيو ته مخدوم ھائوس ۽ پي پي جو تعلق تمام پراڻو آھي ۽ مخدوم پارٽي جو اثاثو آھن،    ان موقعي تي هڪ سوال جي جواب ۾ سينيٽر تاج حيدر چيو ته  سينيٽ جي واٽر اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ پاڻي جو معاملو اٿاريو ويو آهي پر ارسا چيئرمين  پاران مسلسل غلط بياني ڪئي پئي وڃي جڏھن ته 91 وارو ٺاھ موجود آھي جنهن ۾ سموريون ڳالهيون طئي ٿيل آھن ۽ ان تحت سڀ کان پھرين ترجيح پاڻي جو زرعي استعمال آھي ۽ حڪومت بجلي جي پيداوار لاءِ تربيلا ڊيم کي ڀري سنڌ جو پاڻي چوري ڪري رهي آهي  -هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير آبپاشي ڄام خان شورو چيو ته 2018 ۾ ٿري ٽيئر فارمولي جي معاملي تي  گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ بحث ڪيو ويو هو جنهن کانپوءِ  انور منصور جي رپورٽ ۾ صاف لکيو ويو آھي ته ٿري ٽيئر فارمولي قانون ۾ ڪا به حيثيت نـه آھي ـ ان موقعي تي  ايم اين اي شگفته جماڻي ، وقار مهدي ، عاجز ڌامراھ،  آفتاب خانزاده ،صغير قريشي ، پاشا قاضي , علي نواز شاھ رضوي ۽ پي پي پي جا ٻيا اڳواڻ پڻ  موجود ھئا.                                                                                    هه آ نمبر                  (غ م ش )

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو