108

دعا آهي ته منهنجي مرڻ کان اڳ ڪراچي تبديل ٿئي: شهباز شريف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جو صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته دعا آهي ته منهنجي مرڻ کان اڳ ڪراچي تبديل ٿئي، ڪراچي جي تڪ اين اي 249 جي اڳواڻن، پارٽي عهديدارن ۽ گهرڀاتين سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪراچي سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي،دل رت جا ڳوڙها روئي رهي آهي، هن چيو ته ڪراچي جي خوشحالي کانسواءِ پاڪستان خوشحال نه هوندو،ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي،ايندڙ چونڊن ۾جيڪڏهن موقعو مليو ته ڪراچي جي قسمت تبديل ڪري ڏيکاريندس.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو