اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ڪابل کان اسلام آباد ايندڙ خصوصي فلائيٽ جو تعداد 332 ٿي ويو آهي، رپورٽ موجب اتحادي فوج ۽ ٻين ايئر لائنز ذريعي 20829ڄڻا پاڪستان پهچي چڪا آهن، ايئرپورٽ تي 332 اتحادي فوج ۽ ٻين ايئر لائنز جي جهازن لينڊنگ ڪئي، جڏهن ته اتحادي فوج ۽ خصوصي پرڏيهي اڏامن ذريعي مسافر پنهنجي ملڪ ڏانهن روانا ٿي ويا آهن.
