104

افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال تي گڏيل قومن پاران پاڪستان کان مدد طلب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال تي گڏيل قومن پاران پاڪستان کان مدد طلب ڪري ورتي آهي. رپورٽ موجب گڏيل قومن فوڊ پروگرام تحت افغانستان ۾فوڊ سپلاءِ لاءِ پاڪستان کان مدد گهري جيڪا ڏني وئي آهي، خانگي ٽي وي موجب عالمي ادارو افغانستان ۾خوراڪ پهچائڻ جي لاءِ شروع ڪيل آپريشن جي لاءِ پاڪستان جا ايئرپورٽ استعمال ڪندو، سول ايوي ايشن اٿارٽي گڏيل قومن کي آپريشن ڪرڻ جي لاءِ مشروع اجازت ڏئي ڇڏي،نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو، سول ايوي ايشن اٿارٽي موجب گڏيل قومن جي فوڊ پروگرام تحت استعمال ٿيندڙ امدادي جهازن ۾فوجي سامان کڻي وڃڻ جي اجازت نه هوندي، جڏهن ته ڪنهن به قسم جا هٿيار ۽ ڪيميڪل پڻ جهاز ۾نه کڻي وڃي سگهبو، جيڪو سامان کڻي ويندو ان جا تفصيل ڏيڻا پوندا. جڏهن ته عالمي اداري کي ان آپريشن جي فيس به ادا ڪرڻي پوندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو