125

افغانستان مان پاڪ فوج جي چوڪي تي حملو، 2 جوان شهيد، 3 دهشتگرد مارجي ويا

باجوڙ ايجنسي (ويب ڊيسڪ) افغانستان مان پاڪ فوج جي چوڪي تي حملو،2 جوان شهيد،3 دهشتگرد مارجي ويا، 4 زخمي. رپورٽ موجب افغانستان جي ضلعي باجوڙ ۾افغان باڊر تي سرحد پار کان دهشتگردن پاڪ فوج جي چوڪي تي شديد فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾پاڪ فوج جا 2 نوجوان مردان جو رهواسي 28 ورهين جو جمال ۽ چترال واسي 21 ورهين جو اياز شهيد ٿي ويا، جڏهن ته پاڪ فوج جي ڀرپور جوابي ڪارروائي ۾3 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته 4 زخمي ٿي پيا، لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻئي طرف آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان دهشتگردن پاران افغان سرزمين استعمال تي احتجاج ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته اميد ته افغان سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو