ويٽڪن سٽي (ويب ڊيسڪ) ڪيٿولڪ عيسائين جي مذهبي پيشوا پوپ فرانسس عيسائين کي افغانستان ۾امن لاءِ روزو رکڻ جي اپيل ڪئي آهي، هن چيو آهي ته افغانستان ۾امن ۽ استحڪام لاءِ سڄي دنيا جا عيسائي روزو رکن، عيسائي برادري افغانستان جي مستقبل جي لاءِ عبادتون ڪن ۽ خصوصي دعائون گهرن، هن چيو ته موجوده صورتحال ۾امدادي ڪم ڪندڙ ادارن جو ڪم پڻ ساراهه جوڳو آهي.
