اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اها اسان جي خوشقسمتي آهي جو نااهل اپوزيشن ملي،نواز شريف ۽ مريم نواز نظام تباهه ڪرڻ چاهين ٿا، هڪ خانگي پروگرام ۾ هن چيو ته بلاول ڀٽو ۽ شهباز شريف حڪومت جي خلاف هڪ حد کان وڌيڪ اڳيان وڃڻ نٿا چاهين،نواز شريف ۽ مريم نواز نظام کي ويڙهڻ ڪرڻ چاهين ٿا، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته عورتن جي پي ڊي ايم جي جلسي ۾ڪا دلچسپي ناهي، اهي سياسي بيروزگارن جي سرڪس آهي، مريم نواز عورتن جو ڪارڊ استعمال ڪري رهي آهي، مخالف ڌر ڀلي ڇا به ڪري،پنهنجين ڪوششن ۾ڪڏهن به ڪامياب نه ويندي.
