ليما (ويب ڊيسڪ) لاطيني آمريڪي ملڪ پيرو ۾ هڪ ئي ڌڪ سان 200 جوڙا شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا، رپورٽ مطابق پيرو ۾ هڪ ئي ڌڪ ۾ 2 سئو جوڙا شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا آهن، جوڙن جي شادي جو بندوبست گادي واري شهر ليما جي ميئر پاران ڪيو ويو، شادي تقريب ۾ هر جوڙي انٽري پنهنجي حساب سان ڪئي، جڏهن ته رڪشي تي ايندڙ جوڙو نظرن جو مرڪز بڻيل رهيو، ٻئي طرف جوڙن کي قيمتي تحفا ڏنا ويا، شادي ۾ آيل مهمانن جي خاطر تواضع ڪئي وئي.
