133

”هاءِ ڙي غربت“، ننگرپارڪر ۾ ٿڌڙي ڏڻ تي نوان ڪپڙا نه وٺي ڏيڻ تان 14 ساله نينگري آپگهات ڪري ڇڏيو

ڏانو ڌانڌل (ويب ڊيسڪ) ننگرپارڪر ٿڌڙي تهوار جي ڏينهن ڳوٺ ڪاسبو ۾ 14 ساله نينگري انيتا ڌي نانجي ميگھواڙ ٿڌڙي جي تھوار جا ڪپڙا نه وٺي ڏيڻ تان گھر وارن سان ڪاوڙجي گھر اندر ديوي جي وڻ ۾ ڦاھو ٻڌي مبينا طور خودڪشي ڪري پنھنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، نينگري جي والد نانجي موجب ڌي کي ست مھينن کان مرگھي جا دؤرا ايندا ھئا، جنھن کان تنگ اچي ھن گذريل رات جو دير سانوڻ ۾ رسي سان ڦاھو ٻڌي خودڪشي ڪئي آھي، اسان صبح جو اٿي ڏٺوسين ته سندس لاش وڻ ۾ ٽنگيو پيو ھو، اھڙو اطلاع وارثن پاران پوليس کي ڏنو ويو، پوليس ڳوٺ پھچي نينگري جو لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ تعلقه اسپتال آندو، جتان کان لاش جو پوسٽ مارٽم ۽ قانوني ڪاروائي ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس موجب نينگري مرگھي جي بيماري کان تنگ اچي آپگھات ڪيو آھي، علائقي ۾ چئوٻول آهن ته نياڻي ٿڌڙي ۽ ڪانهوڙي تهوار تي والدين طرفان غربت سبب نوان ڪپڙا نه وٺي نه ڏيڻ تان گهران ڪاوڙجي اهڙو قدم کنيو آهي، 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو