ڪوٽڙي (ويب ڊيسڪ) ڪوٽڙي جي سڪندر آڀاد ڪالوني ۾ پرسرار نموني پاڻي جي ٽينڪي ۾ ٽن سالن جو معصوم نينگر واجد علي ابڙي گھر مان منجھند جو نڪتل ٻارڙن جو لاش چاچي جي گھر جي پاڻي جي ٽينڪي مان لاش ھٿ ڪيو. نينگر پيءُ واجد ابڙي الزام ھڻندي چيو ته منھنجي ڀاءُ جي گھرواري حميرا ۽ سندس ڀائرن منھنجي معصوم پٽ کي پاڻي جي ٽينڪي ٻوڙي ماريو آھي، مون سان وڏو ظلم ٿيو آھي، مون ۽ منھنجي ڀائرن مٿان ڀاڄائي صبح جو ٽي بي پوسٽ تي اين سي پڻ داخل ڪرائي ھئي جوابدارن کي گرفتار ڪري مونسان انصاف ڪيو وڃي. ايس ايچ او سائيٽ ڪوٽڙي خير محمد ملاح رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مين جوابدار حميرا ابڙو فرار ٿي وئي آھي سندس ٽن ڀائرن کي گرفتار ڪيو آھي. وڌيڪ لاء جانچ ڪري رھيا آھيون.
