169

سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ برقرار، سنڌو درياهه ۾ 15 هزار ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي گهٽجي ويو

سکر(ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ برقرار ، جنهن سبب سي جي ۽ ٽي پي لنڪ ڪئنال بند ڪيا ويا، پاڻي کوٽ ۾ مسلسل اضافي سبب سکر بئراج ۽ گڊو بئراج جي ڪئنالن تي آباد ٿيندڙ زمينن کي پاڇاٽي فصل جي پوکائي لاءِ پاڻي جي فراهمي سخت متاثر، زمينون غير آباد ٿي ويون، ان ڏس ۾ آبپاشي ذريعن جو چوڻ آھي ته سنڌو درياھ ۾ روزانو پنڌرهن هزار ڪيوسڪ پاڻي جي کوٽ ٿئي پئي، جنهن سان صورتحال وڌيڪ خراب ٿيندي گڊو بئراج تي پاڻي کوٽ 34.14 ريڪارڊ ڪيو ويو آھي، جڏهن ته سکر بئراج تيپاڻي کوٽ  27.33 آھي، سکر بئراج مان نڪرندڙ ڪئنالن کي پاڻي گهرج 56800 آھي ۽ڪئنالن کي 40835 ڪيوسڪ ڏنو پيو وڃي، سنڌ کي مجموعي طور هڪ لک ست هزار ڪيوسڪ پاڻي جي گهرج آھي پر 86551 ڪيوسڪ ڏنو پيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو