سانگھڙ (ويب ڊيسڪ) سانگھڙ پوليس جي جعلي مقابلي ۾ ماريل نوجوان رياض ڪلهوڙو جو لاش پريس ڪلب ۽ ٿاڻي سامهون رکي چار ڪلاڪ احتجاجي ڌرڻو، ايس ايس پي سانگھڙ نوٽيس ورتو، ايس ايڇ او، مددگار انچارج ۽ سپاهي معطل، خبر موجب ٻه ڏينهن اڳ سانگهڙ پوليس جي معطل ايس ايڇ او غلام شبير دلواڻي ۽ ٻين پوليس اهلڪارن هٿان رات جو دير سان نواب شاهه روڊ تي سم نالي ڀرسان مقابلو ڄاڻائي ماريل نوجوان رياض ڪلهوڙو جو لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان پوءِ سول اسپتال سانگهڙ کان پريس ڪلب تائين آندو ويو، ان دوران وارثن سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو، شهري سراپا احتجاج بڻيل هئا ۽ پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي، لاش کي چار ڪلاڪ رکي ڌرڻو هنيو ويو، ان دوران پريس ڪلب چوڪ بند ٿي ويو ۽ ميرپورخاص ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ جام ٿي وئي، ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن پوليس جي ڪارروائي کي وحشياڻو ۽ غير انساني قتل قرار ڏيندي ملوث اهلڪارن خلاف سخت ڪارروائي جي گھر ڪئي، ڌرڻي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف، مسلم ليگ فنڪشنل، سنڌ ترقي پسند پارٽي ۽ سانگهڙ پوليس هٿان ٻه مهينا اڳ هاف فرائي ڪيل ٻن ڄڻن اڪبر نظاماڻي، شھزاد لغاري جي وارثن پڻ شرڪت ڪئي، ڌرڻي ۾ سانگهڙ تعلقي ميونسپل جي اڳوڻي چيئرمين دلبر خان نظاماڻي، تحريڪ انصاف جي اڳواڻ مشتاق جوڻيجو، ترقي پسند پارٽي جي ضلعي صدر جبار جوڻيجو، فيض محمد نظاماڻي، غفار نظاماڻي ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته پوليس جيڪڏهن اهڙا قدم کڻي پاڻ سزائون ڏيڻ جو عمل شروع ڪيو آهي ته پوءِ ڪنهن جا به ٻچا محفوظ نه رهندا، پوليس جو اهو قتل عدالت کان مٿانهون قتل آهي، ان موقعي تي رياض ڪلهوڙي جي والد پورهيت علي نواز پٽ جي مڙهه جي سيراندي کان ويهي اوڇنگارون ڏيندي چيو ته آئون مسڪين مزدور ماڻهو آهيان، پهريان اسان جي ٻچن کي نشي جو عادي بڻايو وڃي ٿو، منشيات جا اڏا ڪير ٿو هلائي ان ۾ به پوليس ملوث آهي منهنجي پٽ کي نشي جي لت پيل هئي، جنهن سبب مون پوليس جي حوالي ڪيو ته متان سڌري وڃي، مونکي ڪهڙي خبر ته پوليس جي روپ ۾ وحشي درندا منهنجي پٽ کي قتل ڪري ڇڏيندا، جن وٽ انساني زندگي جي ڪا اهميت ڪونهي، مونسان ظلم ڪيو ويو آهي، پوليس منهنجو جوان پٽ مونکي ماري ڏنو آهي، پريس ڪلب وٽ احتجاجي ڌرڻي کان پوءِ وارث مقتول جو لاش ٿاڻي آڏو رکي احتجاجي ڌرڻو هنيو، جتي به شهري سراپا احتجاج بڻيل هئا ۽ پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ان کان پوءِ ڊي ايس پي سانگھڙ آصف آرائين احتجاجي مظاهري وٽ پهتو، ٻئي طرف ايس ايس پي سانگھڙ فرخ علي لنجار نوٽيس ورتو ۽ ايس ايڇ او سانگھڙ غلام شبير دلواڻي، مددگار سينٽر سانگهڙ جي انچارج لالا حميد پٺاڻ، سپاهي فيصل عدنان کي معطل ڪري ڇڏيو ۽ ڊي ايس پي سي آءِ اي جاويد چانڊيو جي نگراني ۾ هڪ جانچ ڪميٽي جوڙي وئي، جيڪا جاچ ستن ڏينهن ۾ مڪمل ڪئي ويندي، جانچ ۾ ملوث ايس ايڇ او ۽ ٻيا ڏوهاري نڪتا ته مٿن ڪيس داخل ڪيو ويندو ۽ سندن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، جنهن تي وارثن چيو ته پوليس ڀلي پنهنجي ڪاروائي ڪري پر اسين خاموش نه ويهنداسين.
153