177

عمران خان صوبن جي حقن تي ڌاڙو هڻي پيو، غير جمهوري قوتون ڀڄائينداسين، جيالا ئي ڪافي آهن: پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو

خيرپور(ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته عمران خان صوبن جي حقن تي ڌاڙو هڻي پيو،غير جمهوري قوتون ڀڄائينداسين،جيالا ئي ڪافي آهن، محترمه شهيد بينظير ڀٽو 16 هزار خاندانن کي روزگار ڏنو، پارليامان ماڻهن کي روزگار ڏياريو آهي ته ڪير به کسي نٿو سگهي، ڪوٽڏيجي ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته دوستن تي ڀرورسو ڪيو پر انهن دوکو ڏنو، اڪيلو ئي حڪومت خلاف جدوجهد ڪندس، ڪنهن کي به پنهنجن حقن تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين، نااهل ۽ ناجائز حڪومت اسان تي مڙهي وئي، سليڪٽيڊ عمران خان هڪ ڪروڙ نوڪرين جي دعويٰ ڪئي هئي،هاڻي ته عوام کان نوڪريون کسي رهيو آهي، پيپلزپارٽي حڪومت اچي پئي،جن ماڻهن کان نوڪريون کسيون ويون،انهن سڀني کي بحال ڪنداسين،سرڪاري ملازمن بابت عدليا جي فيصلي خلاف اپيل ڪئي ويندي، بلاول ڀٽو جو وڌيڪ چوڻ هو ته بني گالا ۾گهر ريگيولرائيز ڪيا ويا،ڪراچي گجر نالي تي غريبن جا گهر ڊاٿا ويا، ڇا هي تبديلي آهي،؟ پورهيتن کي انهن جي محنت جو پورو اجورو به نٿو ڏنو وڃي، عمران خان ٽن سالن جي حڪومتي دور جي تباهي جو جشن ملهائي رهيو آهي،پاڻي جي منصفاڻي ورهاست نٿي ڪئي وڃي، طعنو ڏنو وڃي ٿو ته ٿرپارڪر،ڪراچي ۽ ٺٽي ۾پاڻي ناهي، سنڌ کي پنهنجي حصي جو پورو پاڻي ڏنو وڃي،اسان کي ڀت سان نه لڳايو وڃي، وفاقي حڪومت جيڪڏهن حقن تي ائين ڌاڙو هنيو ته سموري سنڌ روڊن تي اچي ويندي. بلاول ڀٽو چيو ته پهريان 18هين ترميم ۽ اين ايف سي تي ڌاڙو هنيو ويو، هاڻي وري سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي سنڌ جون زمينون بنجر ڪيون ويون آهن. سنڌ ۾ سنڌي ماڻهن سان زيادتي قبول نه ڪنداسين، ارسا جو چيئرمين سنڌ سان زيادتي ڪري رهيو آهي، جيڪا اسان کي هر صورت ۾ قبول ناهي. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته گئس ۽ تيل سنڌ مان نڪري ٿو پر ان جو فائدو پنجاب کڻي رهيو آهي، اسان کي ڪنهن کان به خيرات نٿا گهرون، پر پنهنجو آئيني حق گهري رهيا آهيون، عمران سرڪار عوام کي بک ۽ بدحالي کانسواءِ ڪجهه به ناهي ڏنو. ان موقعي تي اڳوڻو وڏو وزير قائم علي شاهه، ايم اين اي نفيسا شاهه، وڏي وزير جو خصوصي معاون نواب خان وساڻ، جميل احمد سومرو، ايم پي اي منور وساڻ، بيرسٽر هالار خان وساڻ، شهريار خان وساڻ ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو