ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ پي ڊي ايم جو پاور شو، پي ڊي ايم اسلام آباد ڏانهن مارچ جو اعلان ڪري ڇڏيو، پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته هاڻي اسلام آباد ڏانهن مارچ ٿيندو، جلسا ٿيندا، روڊن تي ڪاروان هلندو، عمران خان غير محفوظ قوم بڻائي ڇڏيو آهي، انقلاب کانسواٰءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي. رپورٽ موجب ڪراچي ۾ باغ جناح وٽ پي ڊي ايم جو پاور شو ٿيو، جلسي کي خطاب ڪندي جي يو آءِ ف جي سربراهه ۽ پي ڊي ايم اڳواڻ مولانا فضل الرحمان چيو ته دنيا اڳيان وڌي رهي آهي، پاڪستان کي پوئتي ڌڪيو ويو، اهڙي صورتحال ۾خاموش ويهي نٿا سگهون، عوام اٿي ۽ انقلاب آڻي، هن چيو ته چين هن خطي جي طاقت آهي، جنهن کي گڏيل قومن ۾ويٽو پاور حاصل آهي، سي پيڪ شروع ٿيو، عالمي قوتن کي اهو برداشت نه ٿيو،نواز شريف جي حڪومت ختم ڪئي وئي آهي، جڏهن ته عمران خان آمريڪا خلاف نمائشي مخالفت ڪئي، مودي کي ڪشمير وڪرو ڪيو، رهيل ڪشمير کي به ريفرنڊم جي حوالي ڪرڻ جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي، مولانا فضل الرحمان چيو ته عمران خان کان پاڪستان جا اڏا ڪنهن گهريا هئا جو وڏيون ڳالهيون ڪري رهيو آهي، اسلام آباد جون سموريون هوٽلون آمريڪين حوالي ڪيون ويون آهن، هن چيو ته افغانستان ۾ شڪست کاڌل آمريڪا ۽ نيٽو اسان کي حڪم نٿا ڏئي سگهن، حڪومت افغانستان تي طالبان جي حڪومت کي غير مشروط طور تسليم ڪري ۽ فراخدلي جو مظاهرو ڪري، ان کان اڳ جلسي کي خطاب ڪندي مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف چيوته عمران نيازي ڪراچي لاءِ 11 سئو ارب رپين جي پئڪيج جو اعلان ڪيو، ڪجهه ٽڪيٽن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي ڏنو، وفاقي حڪومت جي خاتمي جي لاءِ لکين ماڻهو اسلام آباد وٺي وينداسين، عمران خان سنڌ جي عوام سان ڪوڙا واعده ڪيا،عوام کي رڳو گمراهه ڪندو رهيو، ڪراچي ۾ٻوري بند لاش ملندا هئا،ماڻهن کي ڀتي جون پرچون ڏنيون وينديون هيون، مسلم ليگ ن حڪمت عملي ذريعي ڪراچي ۾امن امان جي صورتحال بحال ڪئي، موقعو مليو ته اڳتي به ڪم ڪبو، جلسي ۾ڪارڪنن جو وڏو انگ موجود هو، ساجد مير،ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ، جهانزيب جمال ديني، اويس نوراني ۽ ٻين پي ڊي ايم مرڪزي اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو.
