ڪابل (ويب ڊيسڪ) ڪابل ايئرپورٽ ڌماڪن سان گونجي اٿيو،ڊرون حملو،4 ٻارڙن سميت 6 ڄڻا مارجي ويا.رپورٽ موجب آمريڪا ڪابل ۾ايئرپورٽ ڀرسان هڪ گاڏي تي ڊرون حملو ڪيو،جنهن جي نتيجي ۾4 ٻارڙن سميت 6 ڄڻا مارجي ويا آهن، جڏهن ته 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، آمريڪا دعويٰ ڪئي آهي ته داعش جي آپگهاتي بمبار ۽ ويڙهاڪن کي نشانو بڻايو آهي، ٻئي طرف افغان طالبان جي سياسي آفيس جي ترجمان سهيل شاهين چيو آهي ته 31 آگسٽ کانپوءِ آمريڪا کي افغانستان ۾ڊرون حملي سميت ڪنهن به قسم جي حملي جو ڪو به حق ناهي، ٻئي طرف طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد چيو آهي ته آمريڪا کي حملي کان اڳ اطلاع ڏيڻ گهربو هو،ڊرون حملي جي شديد لفظن ۾مذمت ڪريون ٿا.
