ليکڪ: طفيل مگسي
آمريڪي صدر ولسن پهرين عالمي جنگ جي هڪ سال گذرڻ کانپوءِ چيو هو ته ”جديد دنيا ۾ جنگ جو اصل سبب مختلف ملڪن ۾ صرف صنعتي ۽ واپاري مقابلو آھي“ ان خيال جي روشني ۾ ڏٺو وڃي ته افغانستان تي مڙھيل جنگ به اصل ۾ بيٺڪيت واري روش آھي ۽ ان جو سبب اهو آھي ته افغانستان تي قبضي ڪرڻ کانسواءِ وچ ايشيا کان تيل جي سپلاءِ ممڪن نه هئي، افغانستان ۾ اڄ به وچ ايشيا جي رستي لاءِ ساڳي ريت خاص آھي، جهڙي ريت مصر ۾ وچ اوڀر رستي نهايت ضروري هو ۽ اھوئي ڪارڻ آھي ته صدين کان افغانستان کي عالمي طاقتن پنهنجي ڪنٽرول ۾ رکيو، جيڪا اصل ۾ ننڍي کنڊ کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ ان سان لاڳاپيل نفعي بخش واپاري روش تي اثر رسوخ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ھئي، برطانيا 1838ع ۾ افغانستان تي قبضو ڪيو ته جيئن هو ايسٽ انڊيا ڪمپني جي مفادن کي هٿي ڏئي سگهي، بدقسمتي اها آھي ته افغانستان هڪ اهڙو ملڪ آھي جيڪو گذريل ٻن صدين کان ٻن يا ٻن کان وڌيڪ عالمي طاقتن جي مفادن جي ڇڪتاڻ جو ميدان بڻيل رهيو آھي ۽ جيڪا ڇڪتان هر ڀيري جنگين جي شڪل ۾ ظاھر ٿيندي رهي آھي. هينئر تائين عالمي قوتن هتي مستقل بنيادن تي امن قائم ڪرڻ جي ڪا به نيڪ نيتي سان ڪوشش نه ڪئي آهي، 1880ع ۾ جڏھن روس جي بادشاھه زال وال (پهرئين) پنهنجي سلطنت کي افغانستان تائين پکيڙڻ جو منصوبو ٺاھيو ته برطانيا ان جي منصوبابندي شروع ڪري ڇڏي ۽ 1838ع ۾ افغانستان تي حملو ڪري شاھه شجاع کي هتان جو بادشاھ بڻايو، اھا جنگ 1942ع تائين جاري رهي، روسي حملي خلاف هتي برطانيا کي 3 جنگيون وڙھڻيون پيون، 1879ع ۾ جنگ دوران ئي ڪابل ۾ ٿيڻ واري هڪ معاهدي تحت افغانستان پنهنجي پرڏيهي پاليسي جا مامرا انگريزن جي حوالي ڪري ڇڏيا ۽ ان جي بدلي ۾ انگريزن افغانستان کي ساليانا سبسڊي فنڊ ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيا، ان معاهدي تحت افغانستان پنهنجن داخلي مامرن ۾ مڪمل ريت آزاد هو، برطانوي افغان جنگ 1911ع ۾ وڙھي وئي ۽ ان جنگ کانپوءِ سڄي دنيا ۾ صرف ٽي اسلامي ملڪ آزاد هئا، هڪ ترڪي جنهن سلطنت عثمانيا جي خاتمي کانپوءِ پنهنجي آزادي کي بچائي ورتو هو، ٻيو سعودي عرب جنهن کي انگريزن مسلمانن جي مذھبي جذبن کي سامهون رکندي دنيا جو آزاد ملڪ تسليم ڪري ورتو هو ۽ ٽيون ملڪ افغانستان هو، جيڪو روس ۽ برطانيا جي وچ ۾ ورهاست جي طور تي موجود هو، پهرين عالمي جنگ کانپوءِ غازي امان الله جهڙو تعليم يافتا ۽ روشن خيال شخص افغانستان جو بادشاھه بڻيو، هن ٽين افغان جنگ ۾ افغانستان کي مڪمل طور تي آزاد ڪرائي ڇڏيو ۽ پرڏيهي پاليسي جي اعتبار کان به خودمختيار ٿي ويو، اچڻ وارن دورن ۾ افغانستان جي بادشاھن ڪوشش ڪئي ته اهي روس، برطانيا ۽ آمريڪا سان لاڳاپا رکن، پر اها حقيقيت به پنهنجي جاءِ تي موجود آھي ته اڳوڻي سوويت يونين جو پاڙيسري هئڻ جي ڪري افغانستان جو لاڙو سوويت يونين ڏانهن ئي رهندو هو، غازي امان الله برطانيا طرفان مڙھيل بيٺڪيتي معاهدا رد ڪندي سوويت يونين جي حڪومت سان لاڳاپا قائم ڪري ملڪ ۾ سڌارا شروع ڪيا ته انگريزن طرفان افغانستان ۾ گهرو ويڙھه شروع ٿي وئي ۽ رجعت پسند طبقي 1929ع غازي امان الله کي اقتدار تان هٽائي ڇڏيو، غازي امان الله جهڙن حڪمرانن پنهنجي روشن خيالي جي حوالي سان افغانستان جي معاشي، سماجي ۽ سياسي مسئلن کي جزوي طور تي ڪڏھن حل ڪرڻ جي ڪوشش به نه ڪئي ته عالمي طاقتن پنهنجن زبردست اثرن کان ڪم وٺي ان کي به ڪامياب ڪرڻ ٿيڻ نه ڏنو، 1933ع ۾ افغانستان جو آخري بادشاھه ظاھر شاھه تخت تي ويٺو هو ۽ 40 سالن تائين افغانستان جو بادشاھه رھيو، جيتوڻيڪ ان دور ۾ نالي ماتر پارليامينٽ ۽ آئين ۽قانون به هو پر شاھي آمريت جو دور هو، جنهن جي صدين کان افغانستان جي تهذيب ۽ ثقافت ۾ قبائلي انداز گهر ڪري چڪو هو، افغانستان ۾ جيستائين جديد شھري زندگي جي تصورن جو تعلق آھي ته ڪابل به هڪ جديد خوبصورت شھر هو پر هتي به شھري شعور جي سطح گهٽ ھئي، غازي امان الله جي ناڪامي ۽ جلاوطني کانپوءِ ڪنهن بادشاھه افغانستان کي جديد بڻائڻ جي ڪوشش نه ڪئي، رياستي ڍانچي ۾ اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪا ڇڪتاڻ ٿيندي آھي اها افغانستان ۾ به موجود هئي، 1973ع ۾ شاھه دائود، ظاھر شاھه جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو ۽ افغانستان جو پهريون صدر بڻجي ويو ۽ روس ۽ آمريڪا ٻنهي سان دوستي وارا لاڳاپا رکيائين، شروعات ۾ هن ڪجهھ ڪاميابي به حاصل ڪئي، مثال طور ڪابل ايئرپورٽ روس ٺھرايو ته ان ۾ مواصلاتي سامان آمريڪا لڳائي ڇڏيو، افغانستان جي اتر ۾ روس ۽ ڏکڻ ۾ آمريڪا رستا تعمير ڪيا پر اهو سڀ ڪجهھ مثبت تعميري مقصدن لاءِ نه هو پر اتي پنهنجي عمل دخل کي وڌائڻ لاءِ ڪيو ٿي ويو هو، 1978ع ۾ روسي نواز خلق پارٽي ان کي قتل ڪري اقتدار حاصل ڪري ورتو ۽ 1978ع ۾ روسي فوجون افغانستان ۾ داخل ٿي ويون يعني روسي فوجي قوت جي زور تي افغانستان تي قبضو ڪري ورتو، جڏھن ته 1919ع کانپوءِ اڳوڻي سوويت يونين ۽ برطانيا وچ ۾ پردي پٺيان طئي ٿي چڪو هو ته روس ۽ برطابيا افغانستان ۾ سڌوسنئون فوجي مداخلت نه ڪندا ۽ ٻنهي طاقتن جي وچ ۾ بفر زون جي حيثيت هوندي، افغانستان تي روس جي فوجي قبضي جي دنيا سڄي ۾ مذمت ڪئي وئي، روسي مداخلت صرف افغانستان خلاف کليل جارحيت نه هئي پر ٻين پاڙيسري ملڪن ۽ عالمي سطح تي عوام ۽ عالمي امن لاءِ به تمام وڏو خطرو هئي، افغانستان جو خطو هڪ اهم خاصيت جو مالڪ آھي، هن جون سرحدون ايران سان 1500 ڪلوميٽر ۽ پاڪستان سان 2600 ڪلوميٽر مليل آھن.پوءِ عرب رياستن کان هن جو مفاصلو 550 ڪلوميٽر آھي، اهو ئي سبب آهي ته روس وچ اوڀر ۾ افغانستان جي انهي اهم حيثيت تي ڌيان ڏنو، تيل پيدا ڪرڻ وارن علائقن جي ويجهو هن جي موجودگي ۽ وري هڪ اهڙي علائقي ۾ هن جو وجود دلچسپي جو سبب هو. روس جي افغانستان ۾ مداخلت سان نه ته افغانستان کي آزادي ۽ خودمختياري ملي ۽ نه ان جي مسئلن ۾ ڦاٿل عوام کي ڪا معاشي يا سياسي سهولت ملي، پنهنجا اقتصادي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ هن پنهنجن ڪيترن ئي وفادارن جون منڍيون ڪٽي ڇڏيون، آمريڪا سرد جنگ جي زماني ۾ عالمي مداخلت ۾ مصروف رهيو پر سوويت يونين جي اتي موجود هجڻ سبب ان ۾ شدت پيدا نه ٿي سگهي هئي پر اهو موقعو هاڻي سوويت يونين جي ان وقت جي قيادت افغانستان ۾ فوج ڪشي ڪرڻ واري فيصلي جي شڪل ۾ آمريڪين کي ملي ويو، آمريڪا جنهن نه صرف روس کي افغانستان کان ٻاھر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو پر ان جي ترجيح ۾ افغان اصلاحي ڪميونسٽ حڪومت کي پاڙ کان ختم ڪرڻ شامل هو، افغانستان جي سرزمين تي ڪجهھ سخت تجربا برطانيا کي به ٿي چڪا هئا، جڏھن اڻويهين صدي جي وچ ۾ افغانستان جي شاھي ۽ قبائلي جنگجوئن برطانوي سامراج کي شڪست ڏيڻ ۽ ڀڄڻ تي مجبور ڪيو، برطانوي هندستان جي جنگ بازن جو خيال هو ته افغانستان ۾ روسين جو اثر رسوخ انگريزن کان وڌيڪ آھي ۽ گريٽ گيم ۾ روسين کي کٽڻ بلڪل نه کپي، آمريڪي صدر جيمي ڪارٽر ۽ ان جي نيشنل سيڪيورٽي ڪونسل جي سربراهه بريزنسڪي کي به اهو ئي ڊپ هو جن جي بنياد تي هنن جنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، انهن کي خطرو هو ته روس جو افغانستان تي تسلط هندي سمنڊ ۽ خليج فارس ۾ تيل جي ذخيرن ۽ واپسي لاءِ اچ وڃ ۾ مسئلا پيدا ڪري ڇڏيندو، 16 هزار برطانوي ۽ هندستاني فوجي 1939ع کان 1942ع تائين ڪابل تي قابض رهيا پر عوامي بغاوت جي نتيجي ۾ جنهن ۾ افغانستان جي سمورن نسلي گروهن حصو ورتو هو، انهن کي ڪابل خالي ڪري فرار ٿيڻو پيو هو، جڏھن برطانوي فوج ڪابل کان فرار ٿي هئي ته 12 هزار فوجن تي ٻڍل هئي پر رڳو 121 فوجي پنهنجي جان بچائي هندستان پهچي سگهيا، اڪثر فوجي اڙانگن رستن ۽ مقامي رهواسين جي حملن کان اجل جو شڪار ٿي ويا هئا، هڪ جنگي دانشور جو چوڻ ھو ته ”نيويارڪ ۽ پوءِ افغانستان ۾ جيڪي ڪجھه ٿيو ان جا نشان 80 ع واري ڏھاڪي جي جنگ سان ملن ٿا“ افغان جنگ 1989ع ۾ ختم ٿي ۽ تاريخ روس کي اتر ڏانهن واپس ويندي ڏٺو، بلڪل ائين جيئن 1942ع ۾ برطانوي فوجي خيبر پاس لٿا هئا، اهي صرف واقعا ناهن پر سياسي ۽ فوجي نوجوانن سان انهن جو گهرو تعلق آھي، 80ع جي افغان جنگ ۾َافغانستان جي محاذ کان ڇاڪاڻ ته سڌوسنئون فوجي مداخلت مشڪل ھئي.ان ڪري روس جهڙي طاقت جي مقابلي لاءِ آمريڪا عرب دنيا جي تعاون سان مجاهدن جي صورت ۾ جنگجوئن کي استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، 1989ع ۾ سي آءِ اي جي فتح کانپوءِ افغانستان جي تباهي جو عمل جاري رهيو، 11سيپٽمبر 2001ع جي حادثي ان جنگ کي هڪ نئون رخ ڏئي ڇڏيو هو، دنيا جي سڀ کان وڏي طاقت دنيا جي ڪمزور ترين ملڪ تي حملو ڪري اهو ثابت ڪري ڇڏيو هو ته سرمائيداري جي انتها جنگ آھي، افغانستان تي حملي لاءِ 9\11 جي حملي کي سبب جي طور تي پيش ڪيو ويو، جڏھن ته حقيقت اها آھي ته آمريڪا دنيا جي معشيت، اقتصاديات ۽ عالمي اثر رسوخ لاءِ جنگ کي اوزار جي طور تي استعمال ڪندو آھي، جنگ، ڇڪتاڻ، جارحيت ۽ عالمي مداخلت هن جي پرڏيهي پاليسي جو حصو آھن، جيڪڏھن ڏٺو وڃي ته افغانستان دنيا جو اهو ملڪ آھي، جتي سمورين وڏين طاقتن ڪنهن نه ڪنهن اعتبار کان فوجي مداخلت ڪئي، جنهن جو نقصان افغانستان کي ئي ٿيو ۽ هن وقت به افغانستان جي مضبوطي جو دارومدار خطي جي امن تي آھي، هاڻي ڏسڻو اهو آھي ته طالبان کي افغانستان جي تخت تي ويهارڻ سان ڇا افغان عوام جي ڏکن ۽ مصيبتن ۾ ڪي قدر گهٽائي ايندي؟ ڇا هن خطي جو امن بحال ٿي سگهندو؟ جيڪڏھن ائين ٿئي ٿو ته افغانستان سميت هن خطي جو عوام سک جو ساهه کڻندو ۽ جيڪڏھن ائين نٿو ٿئي ته پوءِ اهو علائقائي امن لاءِ سٺو قدم ثابت نه ٿيندو.