ليکڪ:شوڪت علي جلباڻي
موجوده حڪمران سمجهن ٿا ته سندن اقتدار عوامي امنگن وٽان آهي، اقتدار جو خمار ئي اهڙو آهي جو سڀ ڪجهه صحيح لڳندو آهي، پوءِ ملڪ ۾ وڌندڙ عورتن سان ٿيندڙ زيادتيون هجن يا بک ۽ بدحالي جي ڪري ٿيندڙ خودڪشيون هجن، اهي پنهنجي اقتدار جي رومانس ۾ گرفتار هوندا آهن، پرويز مشرف جي 1999ع ۾ اقتدار ۾ اچڻ بعد عوام کي ٻڌايو ويو ته ملڪ انتهائي معاشي بحرانن جي ور چڙهيل آهي، ان ڪري ملڪ جو ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ ملڪ کي قرضن جي تمام گهڻي ضرورت آهي، 2000ع ۾ پاڪستان کي ڊفالٽر ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ان وقت جي خزاني واري وزير شوڪت عزيز 596 ملين ڊالر جو قرض ( آءِ ايم ايف)عالمي مالياتي اداري کان وٺي ملڪ کي 36 بلين ڊالرن جي پرڏيهي قرضن ۾ ڊفالٽر ٿيڻ کان بچائڻ جو ڪارنامو سرانجام ڏنو هو، پرويزمشرف جي ٽن سالن واري دور (2000 کان 2002 ع)۾ امداد طور مليل قرض واري رقم 23 بلين ڊالر هئي، جڏهن ته 18 جنوري 2003ع ۾ پرويزمشرف اعلان ڪيو ته ملڪ کي هاڻ پرڏيهي ملڪ قرضن جي ضرورت نه پوندي ۽ ايندڙ ٻن کان ٽن سالن ۾ ملڪي قرضن جي مسئلي کي منهن ڏئي پاڪستان ۾ مالي استحڪام آندو ويندو ۽ پاڪستان ٻين ملڪن کي قرض ڏيڻ لائق بڻجي ويندو، ان باوجود (ق) ليگ جي حڪومت پرويزمشرف جي صدارت هيٺ 1.6 بلين ڊالر جو قرض ورتو، معاشي سطح تي ملڪ ۾ ايترو استحڪام هو جو مشرف جي اقتدار ڇڏڻ کانپوءِ پيپلزپارٽي اقتدار سنڀاليندي ئي 7.6 بلين ڊالر جو قرض، قرضن جي ادائيگي جي لاءِ کنيو، مسلم ليگ نواز 2013 ۾ جڏهن اقتدار سنڀاليو ته انهن به پنهنجو ڪشڪول عالمي مالياتي ادارن توڙي دوستن جي اڳيان رکيو، مسلم ليگ به پهرئين پيپلزپارٽي تي تنقيد ڪندي هر وقت ”قرض لاهيو ملڪ سنواريو“ واري اسڪيم جو حوالو ڏيندي هئي ۽ ڪشڪول ڀڄي ڇڏڻ جون دعوائون ڪندي هئي، اهڙي طرح وزيراعظم عمران خان به ساڳيو ئي راڳ آلاپيو ۽ ملڪ کي ڊفالٽر ٿيڻ کان بچائڻ ۽ قرض لاهڻ لاءِ قرض کڻي پنهنجي ٽن سالن جي اقتدار ۾ 70 سالن جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، 30 جون 2018ع تي ملڪ جي هر هڪ فرد تي 144256 رپين جو قرضي هو، ان وقت ملڪ تي 25 هزار ارب رپين جو قرضي هو ۽ هن وقت پاڪستان 38 ھزار ارب رپين جو قرضي آهي يعني 2018ع کان 2021ع تائين 13 هزار ارب رپين جي قرض جو اضافو صرف ٽن سالن ۾ پي ٽي آءِ سرڪار جي دور ۾ ٿيو آهي، جڏهن ته عالمي وبا جي ڪري عالمي قرضن جي واپسي وارين قسطن ۾ في الحال رعايت مليل آهي، تنهن هوندي به مهانگائي عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، آءِ ايم ايف موجب پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح 8.7 سيڪڙو تي پهچي چڪي آهي ۽ حڪومت موجب ترقي جي شرح 4.5 سيڪڙو آهي پر آءِ ايم ايف جي ويب سائيٽ تي جيڪڏهن ترقي جي شرح ڏٺي وڃي ته اتي هلندڙ مالي سال جي جي ڊي پي يعني ترقي جي شرح 1.5 سيڪڙو آهي، ملڪ ۾ هلندڙ مهانگائي جي طوفانن جي لاءِ ڪهڙا به کڻي موقف اختيار ڪيا وڃن پر اها حقيقت آهي ته ترقي جي راهه تي هلندڙ وزيراعظم عمران خان جو پاڪستان عوام لاءِ هڪ امتحان بڻجي ويو آهي، حڪومتي انگن اکرن موجب ئي 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو غربت جي لڪير جي هيٺ اچي چڪا آهن، حڪومت احساس پروگرام جي رقم وڌائي 203 ارب رپين تي کڻي اچڻ تي ناز ڪري ٿي پر جيڪڏهن ملڪ ۾ غربت وڌندي ته ظاهر آهي اهڙن پروگرامن جو دائرو 6 ماهي مان گهٽائي 3 ماهي يا وري هر مهيني تائين به کڻي اچڻو پوندو، غربت کي وڌائي فقيرن جي تعداد وڌائڻ ۽ پوءِ پنهنجي رياستي خيرات کي فلاح جو نالو ڏيڻ ڪهڙي ترقي سمجهي ويندي پوءِ اهو ڪم ڪير به ڪري، انهي جو حل عوام کي روزگار ڏيڻ سان آهي نه ڪي احساس پروگرام کي هٿي ڏيڻ سان آهي، ٻاهرين ملڪن ۾ موجود پاڪستانين طرفان پهرئين 19.8 ارب ڊالر موڪليا ويندا هئا، اهي هاڻ 29 ارب ڊالرن تائين پهتا آهن تنهن کي پڻ وزيراعظم پنهنجو ڪارنامو ڄاڻائيندي ڳڻيو آهي پر وزيراعظم عمران خان کان اها ڪنٽينر واري تقرير وسري وئي جڏهن ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين کي هنڊي وسيلي پئسا موڪلڻ جون درخواستون ڪندو هو، منهنجي خيال موجب انهي ۾ واڌ جو سبب مهانگائي ۽ ماڻهن جي قوت خريد گهٽجڻ آهي، ٻاهرئين ملڪن ۾رهندڙ پاڪستاني اهي پئسا پنهنجن پيارن ڏانهن ان ڪري به وڌيڪ موڪلي رهيا آهن ته جيئن اهي پنهنجو گذرسفر ڪري سگهن، وبائي صورتحال جي ڪري سفري پابندين جي ڪري به هن ڏيڍ سال ۾ هنڊي جو طريقو ٻنڊو آيو آهي، جنهن جي ڪري سڌي طرح ان رقم جي وڌڻ جو ڪارڻ معلوم ٿئي ٿو. خبر ناهي ته وزيراعظم کي ڪير اهو ٻڌائي رهيو آهي ته ماڻهن جي قوت خريد وڌي چڪي آهي، وزيراعظم عمران خان ۽ سندس صلاحڪارن کان ڪير پڇاڻو ڪري ته ڪمند جي فصل جو اگهه مقرر ڪرڻ سان ۽ هارين کي اها رقم ڏيڻ سان ملڪ جي آبادي جو ڪيترو سيڪڙو مستفيد ٿيو هوندو؟ زرعي ڀاڻن کان وٺي زرعي دوائن جا اگهه 2018ع ۾ ڇا هئا ۽ هن وقت ڇا آهن؟ پاڻي جي کوٽ جو سبب به ٽيوب ويلز آهن، جنهن لاءِ ڊيزل ۽ بجلي جا اگهه ڪٿي پهتا آهن؟ اتي اوهان ڪجهه رپيا وڌائي اهو اندازو لڳائڻ لڳا آهيو ته ملڪ ۾ ماڻهن جي قوت خريد وڌي آهي، وزيراعظم عمران خان جي ان معصوميت تي ڪجي ته ڇا ڪجي؟ اوهان وٽ ڪپهه کان وٺي ڪڻڪ ۽ کنڊ جي کوٽ به ان ڳالهه جو چٽو ثبوت آهي ته اوهان انگن اکرن ۾ ته وڏي مقدار ۾ ملڪي زرعي پيداوار ڏيکاريو ٿا پر ملڪي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ اوهان کي ڪپهه، ڪڻڪ ۽ کنڊ مهانگي اگهن تي ٻاهرين ملڪن مان گهرائڻي ٿي پوي. اوهان وٽ ملڪي تاريخ جو پيمانو ڀلي ڪارن جي خريد ۽ وڪري ۾ اضافي ۽ موٽر سائيڪلن جو رڪارڊ خريد ۽ وڪرو هجي، پيئڻ جي پاڻي کان وٺي کاڌ خوراڪ عام ماڻهن جي پهچ کان ٻاهر آهي، هڪ ڪروڙ نوڪرين جا خواب ڏيکاريندڙ حڪومت هن وقت تائين لکين ماڻهن کي بيروزگار ڪري چڪي آهي، حڪمران پاڪستان اسٽيل مل کي هلائي ته نه سگهيا آهن پر ان مان هزارين ماڻهن کي نيڪالي ڏئي گهر ڀيڙو ڪري چڪا آهن ۽ هاڻ انهيءَ جي نجڪاري جا حامي به بڻجي ويا آهن، پوءِ به فيصل آباد جي صنعت جي هلڻ جو ڪريڊٽ به پنهنجي کاتي ۾ ليکي ٿي، جڏهن ته ڪراچي جون صنعتون اڄ نه صرف مهانگي بجلي ۽ گئس خريد ڪرڻ باوجود پنهنجي بقاءَ جي جنگ وڙهي رهيون آهن پر هر ٻئي مهيني بجلي ۽ گئس جي عدم دستيابي جي ڪري سراپا احتجاج آهن، ننڍيون صنعتون ته وبا وارن ڏينهن ۾ بلڪل ئي بند ٿي ويون ۽ انهن پنهنجن هزارين محنت ڪشن کي گهر ڀيڙو ڪري ڇڏيو هو، تحريڪ انصاف جي ڪامياب نوجوان تحت 22 ڪروڙ جي آبادي واري ملڪ ۾ 20 هزار نوجوانن کي ڪاروباري قرض جو ذڪر وزيراعظم جي تقريب ۾ پڻ ٿيو، جنهن جي ساراهه ڪري سگهجي ٿي، هڪ پروگرام جي افاديت ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ جي خساري کي 1.8ارب تائين امدادي رقمن وسيلي سان ملڪ ترقي نه ڪندا آهن، هن وقت ملڪ جو وزيراعظم صادق ۽ امين آهي، جنهن ڪڏهن ڪا بدعنواني نه ڪئي آهي، تنهن باوجود ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ 2018ع جي نسبت ۾ بدعنواني وڌي آهي ۽ پاڪستان رينڪنگ ۾ تنزلي جو شڪار ٿي 117 مان 124 نمبر تي اچي چڪو آهي، هر حڪومت جيان پي ٽي آءِ جي حڪومت انهيءَ تاثر کي مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي، جڏهن ته وزيراعظم عمران خان جڏهن ڪنٽينر تي چڙهي تقرير ڪندو هو ته سڀ کان پهرئين انهي اداري جو حوالو ڏئي پنهنجن حريفن کي نشانو بڻائيندو هو، عوام جي مٿان ڪير حڪمراني ڪرڻ چاهي ٿو ڪير نه، عوام جو ان سان ڪو سروڪار ناهي، عوام ته ساڳن چهرن بشمول پي ٽي آءِ جي چهرن کي پنهنجي تقدير مٽائڻ لاءِ اقتدار جي ايوانن تائين پهچايو پر عوام کي سٺن ڏينهن جا وچن ۽ نويدون ڏئي، حالتن جا افسانا ٺاهيندا رهيا آهن ۽ هن وقت به جيڪڏهن گيتن ۽ تقريرن جي حدن تائين ئي عوام جي حالت تبديل ٿي آهي، باقي ته سڀ افسانا ئي آهن.