ليکڪ: نصير چنا
”منهنجو والد غريب آهي، اسان ٻه ڀينرون ڪاليج ۾ پڙهنديون آهيون، بابا مزدوري ڪري 5 سئو رپيا ڏهاڙي ڪمائي گهر هلائي ٿو، هاڻي اسان ٻئي ڀينرون ايتري ڳري في ڪٿان ڀري سگهنديونسين“ اهي لفظ ان نياڻي جي هئا جيڪا سنڌ يونيورسٽي انتظاميا پاران ڪاليج سائيڊ ايم اي، بي اي، بي ايس سي، بي ڪام جي فين ۾ ٻيڻ ۽ ٽيڻ تي واڌ خلاف گرلس ڊگري ڪاليج ٻاهران شاگردياڻين جي احتجاج ۾ شريڪ هئي پر ڪاليج انتظاميا شاگردياڻين کي دلجاءِ ڏيڻ بدران احتجاج ختم ڪرائڻ لاءِ هيسائي رهي هئي، قاسم آباد ڊگري ڪاليج جون شاگردياڻيون سنڌ يونيورسٽي جي وي سي پاران ڪاليج سائيڊ فين ۾ واڌ خلاف مجبور ٿي هاڻي روڊن تي اچي ويون آهن، سنڌ يونيورسٽي ۾ جڏهن کان ڊاڪٽر صديق ڪلهوڙو وائيس چانسلر مقرر ٿيو آهي، تڏهن کان شاگردن لاءِ مصيبتون پيدا ٿي ويون آهن، ڊاڪٽر ڪلهوڙو يونيورسٽي ۾ مقرر ٿيڻ بعد يونيورسٽي جي فين ۾ اضافو ڪيو، جنهن تي شاگرد سراپا احتجاج بڻجي ويا ۽ مجبورن کيس اهو فيصلو واپس وٺڻو پيو پر ان کانپوءِ هن پاس سرٽيفڪيٽ، مارڪس شيٽ، ڊگريون، اپيئرنس سرٽيفڪيٽ، ڪانووڪيشن في، ٽرانسڪرپٽ سرٽيفڪيٽ ۽ ٻين تعليمي سندن جي قيمت ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪيو، ڪجهه وقت کان پوءِ ٻيهر انهن جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي وئي، هن وقت پاس سرٽيفڪيٽ 400 مان وڌائي 500 ۽ مارڪس شيٽ 400 کان وڌائي 500 رپيا ڪئي وئي آهي، ڊگري جي فيس 3000 مان وڌائي 3750، ڊپليڪيٽ ڊگري 6000 مان وڌائي 7500، ماسٽرز ۽ ايم فل ڊگري جي في 7000 مان وڌائي 8750 رپيا ڪئي وئي، پي ايڇ ڊي ڊگري 10 هزار مان وڌائي 12500 ڪئي وئي، اپيئرنس سرٽيفڪيٽ 1000 مان وڌائي 1250 رپيا ڪيو ويو، ڪانووڪيشن في 2500 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، ڪاليج سائيڊ جو پاس سرٽيفڪيٽ 400 مان وڌائي 800، مارڪس شيٽ 400 مان وڌائي ڪري 800 رپيا ڪئي وئي آهي، ٽرانسڪرپٽ سرٽيفڪيٽ 1200 مان وڌائي 1500 ڪيو ويو آهي، جنهن تي شاگردن ۾ پڻ ڳڻتي جي لهر پکڙجي وئي آهي، سنڌ يونيورسٽي انتظاميا ڪورونا وبا دوران ڪاليج سائيڊ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي رليف فراهم ڪرڻ ۽ في معاف ڪرڻ بدران مٿن ڳرين فين جي مد ۾ هڪ بم ڪيرايو آهي، جنهن جا نتيجا پڻ سامهون اچي ويا آهن، ڪورونا سبب جتي هزارين پورهيت بيروزگار ٿيا، انهن جي گهرن ۾ اڄ به فاقاڪشي آهي، هن وقت ڪيترائي پورهيت پنهنجي پيٽ گذر لاءِ پريشان آهن، مٿان وري انهن جي اولاد کان تعليم جو حق کسڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي آهي، پهريان ڪاليج سائيڊ بي اي ۽ بي ڪام سميت مختلف ڪورسن جي في 3600 رپيا هوندي هئي اها هاڻي 13 هزار کان به وڌائي وئي آهي جيڪڏهن گهر ۾ ڪمائڻ وارو هڪ ڀاتي هجي ۽ ان جا ٻه ٻار ڪاليج ۾ پڙهندا هجن ته هو انهن جي ايتري ڳري في ڪٿان برداشت ڪندو، هن وقت شاگردن مٿان ڳريون فيسون مڙهي انهن کان تعليم جو حق کسڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي آهي، جنهن تي سموريون ڌريون خاموش آهن، يونيورسٽي انتظاميا پاران ڪاليج سائيڊ فين جي فيس ون ۾ اي ڊي آرٽس پارٽ ون، ايڪسٽرنل فريش جي امتحاني فيس 10500 رپيا، بي اي پاس پارٽ ون ايڪسٽرنل فيليوئر جي فيس 7000رپيا، بي اي پاس پارٽ ون ريگيولر ۽ فيليوئر فيس 5200رپيا، بي ڪام پاس پارٽ هڪ فيليوئر 5200 رپيا، بي ايس سي پاس پارٽ هڪ فيليوئر فيس 5200 رپيا، بي ايس سي پاس پارٽ هڪ هوم اڪانامڪس فيليور 5200 ۽ ايم اي پريويس ايڪسٽرنل فيليوئر فيس 9500 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، جيڪا هن وقت ادا ڪرڻ ڪنهن غريب شاگرد جي وس ۾ ناهي، جڏهن ته فيز ٽو بي اي پاس پارٽ ٽو ايڪسٽرنل فريش فيس 15000، ايگزيم فيليوئر فيس 13550، بي اي پاس پارٽ ٽو ريگيولر فريش فيس 11300 ۽ امتحافي فيس فيليوئر ڪينڊيڊيٽ جي فيس 9850 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، بي ڪام پاس پارٽ ٽو 11300 ۽ فيليوئر ڪينڊيڊيٽ جي ايگريزم فيس 9850 رپيا ٿي وئي آهي، بي ايس سي پاس پارٽ ٽو 11300 ۽ فيليوئر ڪينڊيڊيٽ فيس 9850 رپيا مڙهي وئي آهي، بي ايس سي پاس پارٽ ٽو هوم اڪانامڪس 11300 ۽ فيليئر ڪينڊيڊيٽ 9850 رپيا، ايم اي فائنل ايڪسٽرنل 18050 ۽ فيليوئر ڪينڊيڊيٽ 16600 مقرر ڪئي وئي آهي، ڪاليج سائيڊ فين ۾ واڌ کانپوءِ ايم فل جي شاگردن جي في ۾ پڻ ڳاٽي ٽوڙي اضافو ڪيو ويو آهي، يونيورسٽي انتظاميا پاران ڪاليج سائيڊ فين ۾ واڌ کان پوءِ هاڻي شاگرد ۽ شاگردياڻيون روڊن تي اچي ويون آهن، جن اهڙي فيصلي کي تعليم دشمن فيصلو قرار ڏيندي فين ۾ واڌ وارو نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي، شاگردياڻين انعم چنڊ، اقصيٰ سهتو، سويرا سهتو، صغران لغاري، غلام فاطمه، عصما ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته ڪاليج سائيڊ فين ۾ ٻيڻ تي واڌ ڪري ناانصافي ڪئي آھي، سڄو سال ڪورونا سبب ڪاليج بند هئا، پڙهائي پڻ سخت متاثر ٿي آهي، مٿان وري فين ۾ ٻيڻ تي واڌ ڪري تعليم جي حق کان محروم رکيو پيو وڃي، سنڌ سرڪار کي گهرجي تي يونيورسٽي انتظاميا پاران شاگردن تي مڙهيل واڌو فيسن جو فيصلو واپس ورتو وڃي يا وري شاگردن جون فيون معاف ڪيون وڃن ته جيئن هو آساني سان تعليم حاصل ڪري سگهن ۽ سندن والدين ۾ پکڙيل بيچيني پڻ ختم ٿي سگهي.