96

عورتن سان پيش ايندڙ واقعن تي قدم کڻڻ جي ضرورت….!!

ليکڪ: شازيا جوڻيجو

 ھونئن ته ھر روز سوشل ميڊيا ۽ اخبارن ۾ ڪيترائي واقعا اسان کي  پڙهڻ وٽان ملندا، جنهن  کي ڏسندي اسان جي اندر جو انسان رت جا ڳوڙها روئيندو آهي، پر ھنن گذريل  ڏينهن  ۾ ايترا ڪيترائي  واقعا پڙهڻ  لاءِ مليا جن کي  ڏسندي اسان جي اندر ۾ به خوف پيدا ٿي ويو آهي، ڪڏهن  ڪڏهن اعتبار ناهي ايندو ته اسان جو سماج ايترو حيوانيت جي ور  چڙهي  ويو آهي جو ڪڏهن  ڏسو ڪنهن  نياڻي سان  مسجد جھڙي پاڪ جاءِ تي ڏاڍائي ٿئي ٿي ته ڪڏهن  وري  400 درندا اڪيلي نياڻي  سان زور زبردستي ڪري  ان جي  عزت سرعام  نيلام ڪري رهيا آهن، ھتي ته اسان جون نياڻيون قبرن ۾ به  محفوظ نه  آهن، اتي به ڪنهن  نه ڪنهن حيوان جي  ھٿان بي جان جسم  کي به بخش نه ٿا ڪن ۽ ان جي بي حرمتي ڪن ٿا، ھتي ته درسگاھن ۾ پڙھندڙ نياڻيون به محفوظ نه  آهن، اتي به  انهن  کي بليڪ ميل ڪري ان نياڻين جو جيئڻ جنجال ڪري ٿا ڇڏين، آخر ھي ڪھڙو سماج آهي، جتي رستن تي سرعام نياڻين کي حراسان ڪري بي حرمتي ڪئي وڃي ٿي، اسان  جو سماج ھميشھ وانگر گونگو، ٻوڙو ۽ انڌو بڻجي اھو تماشو  ڏسندو رھي ٿو ۽ ملڪ جو وزيراعظم چوي ٿو ته عورتون خود ماڻهن  کي  ائين ڪرڻ  تي اتساھين ٿيون، ڇا ١٠ ورھين جون معصوم نياڻيون به  انهن کي  اتساهيو، جو آئي ڏينهن انهن جا اسان کي لاش نظر اچن ٿا،  اھا ته  ٿي عورتن جي  ڳالهه پر ھتي ته  اسان جا ننڍڙا معصوم  ڇوڪرا به محفوظ  نه  آهن، ڀلا انهن  جو ڪھڙو ڏوھه  ھو، افسوس  اھو ئي آهي ته اسان جا حڪمران ڪو ايڪشن وٺڻ  بدران ھميشھ خاموش رھي ٿو ۽ ڏوهارين جو بچاءُ ڪري ٿو، اھڙو ماحول اسان کي ڪڏهن ملي سگھندو، جنهن ۾ سنڌ جي ھر نياڻي سک جو ساھه کڻي پنهنجي خوابن کي  پورو ڪري سگهي، جيڪڏهن اسان جي عورت دشمن سماج جو اھڙو ئي رويو رهيو ته اھو ڏينهن  پري نه آهي جو نياڻين جا مائٽ خوف سبب نياڻين کي گھر ۾ ئي ويهاري ڇڏين ۽ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪولن، ڪاليجن يا يونيورسٽين ڏانهن نه موڪلين، ڇا اسان کي حڪومت اھڙو ماحول ڏئي سگھندي، جنهن ۾ عورت محفوظ هجي ۽ ملڪ ۾ امن واري زندگي گذاري سگهي، ھن وقت هر  نياڻي پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪري رهي آهي،  نياڻين جا قاتل ۽ اھڙو سلوڪ ڪندڙ حيوان اڄ به سرعام  گھمي رھيا آهن ۽ اسان جي سماج ۾ ھر روز ڪٿي نه ڪٿي ڪنهن نياڻي جو لاش ملي ٿو، ڪٿي ائين نه  ٿئي جو اسان جي سماج مان انسانيت ئي ختم ٿي وڃي ۽ اسان  ڏسندا رھون، تنهنڪري اچو ته سماج  ۾ امن جو ماحول پيدا ڪريون ۽ تبديلي هميشه پنهنجي گهر مان ئي شروع ٿيندي آهي ان لاءِ هر هڪ پنهنجي گھر کان شروعات ڪرڻي پوندي ۽ گھر ۾ رھندڙ  پنهنجي عورتن سان عزت ۽ احترام سان پيش اچڻو پوندو. هن کي پنهنجي حفاظت پاڻ ڪرڻ جي سکيا ڏيون ته جيئن اهي پاڻ پنهنجي ۽ ٻين جي حفاظت  ڪري سگهن،  اسان جي  ڀرپاسي ۾ رھندڙ عورتن کي پنهنجي ڌيءُ  يا ڀيڻ وانگر سمجهي  ان جي عزت ۽ عترام ڪريون، ڪلاسن ۾ گڏ پڙھندڙ  ڇوڪرين کي پڻ پنهنجي  ڀينرن جو مقام ڏئي ان جي  عزت ۽ احترام ڪريون، جيڪڏهن ڪو بدڪردار ڪنهن  نياڻي تي غلط نظر وجهي ته ان جو بچاءُ ڪريون، اچو ته  اسان پاڻ پنهنجي نياڻين جي حفاظت ڪريون، ائين ڪرڻ سان ئي اسان پنهنجي سماج ۾ امن قائم ڪري سگھون ٿا، جيڪڏهن وقت سر اهڙن روين کي ختم نه ڪيو ويو ته ٿي سگهي ٿو ته هر روز اهڙا واقعا اسان ٻڌڻ ۽ ڏسڻ لاءِ ملن، ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عورتن ۽ نياڻين جي تحفظ لاءِ ملڪ ۾اھڙو قانون جوڙيو وڃي، جنھن سان  ھر انسان  پنهنجو موقف واضح طور پيش ڪري سگهي ۽ هر متاثر ڌر کي انصاف ملي سگهي ۽ ھر ڪنهن کي  ڳالھائڻ جي اجازت ھجي، ھر ڪنهن کي  پنهنجي زندگي  جيئڻ جو حق ڏنو وڃي ۽ ھر ضلعي يا تعلقي ۾ اھڙو قانون لاڳو ڪيو وڃي جنهن سان جيڪڏهن ڪو اھڙي حرڪت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته اسان جي  ڀرپاسي ۾ رھندڙ ماڻهو انهن جي  خوف کان خاموش رھڻ بدران فورن پوليس يا اھڙي اداري کي  اطلاع ڏي جيڪو جلد ان خلاف قدم کڻي ۽ اھو تڏهن ئي ممڪن ٿي سگھندو جڏهن  اسان سڀني ۾ ٻڌي ھوندي، اسان سڀني نياڻين کي پنھنجون نياڻيون سمجھنداسين، ان ڪري اچو ته اسان پاڻ کان شروعات ڪريو ۽ پنهنجي ملڪ ۽ سماج ۾ امن پيدا ڪريو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو