122

پاڻي جي غير منصفاڻي ورڇ سنڌ سان ٻه اکيائي آهي…

ايڊيٽوريل

سنڌ ملڪ جو شايد واحد صوبو آهي جيڪو ڊگهي عرصي کان پاڻي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي، پاڻي کوٽ سبب سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ گهڻي ڀاڱي ڏڪار واري صورتحال رهي آهي، جنهن سان هڪ ته زراعت ۽ زرعي معيشت کي بدترين نقصان پهتو آهي، ٻئي طرف بک، بدحالي ۽ بيروزگاري جنم ورتو آهي، ماڻهو ٻن ويلن جي ماني ڳڀي، ٻارن جي بهتر علاج، سٺي تعليم ۽ ٻين جياپي جي بنيادي سهولتن لاءِ پريشان حال آهن، سالن کان پاڻي کوٽ جو شڪار بدين، ٺٽو، سجاول ۽ ٻين ضلعن ۾ هن وقت به ڏڪار واري صورتحال آهي، جتي هزارين ماڻهو غربت جي لڪير کان به هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، پيئڻ جو پاڻي به سندن لاءِ سنگين مسئلو بڻيل آهي، انڊس ڊيلٽا تباهه ٿيڻ ڪري هزارين مهاڻا معاشي بدحالي جي ور چڙهي ويا آهن، ان سان گڏ سمنڊ جون بي رحم لهرون ٺٽي، سجاول ۽ بدين جي زمين کي پنهنجي اندر پائي رهيون آهن، جنهن سان هزارين ايڪڙ زمين سمنڊ جي پيٽ ۾ هلي وئي آهي، ارسا ۽ وفاقي سرڪار ۾ ويٺل اختيار ڌڻي پاڻي معاملي ۾ سنڌ سان شروع کان ٻه اکيائي ڪندا رهيا آهن، جنهن جو تسلسل اڄ به جاري آهي، 1991ع جي پاڻي ٺاهه تي عمل جو سوال اڄ به پوري شدت سان موجود آهي، پي ٽي آءِ جي وفاقي سرڪار ۽ ارسا جي رواجي ڳٺ جوڙ سنڌ ۾ هن وقت پوکائي جي مند هجڻ باوجود زرعي پاڻي جو شديد بحران آهي، موجوده وقت ۾ پاڻي جي کوٽ پوري نه ٿيڻ ڪري جتي سنڌ جي زراعت وڌيڪ متاثر ٿيندي اتي خوراڪ جي کوٽ جو الميو به جنم وٺي سگهي ٿو، ارسا طرفان ڏينهون ڏينهن سنڌ جي پاڻي ۾ گهٽتائي ڪئي پئي وڃي،  جڏهن ته آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي فلڊ ڪئنال، تونسا پنجند ۽ چشما جهلم وهايا پيا وڃن،  جن ۾ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي پنجاب جون زمينون آباد ڪيون پيون وڃن، پنجاب جتي وڏي ڀاءُ جو دعويدار آهي اتي سنڌ جي پاڻي تي سالن کان ڌاڙي جو ذميوار پڻ آهي، سنڌ مان پاڻي جي ڌاڙي خلاف بار بار اٿندڙ صدائن کي هميشه نان اشوز ۾ الجهائي دٻايو ويو آهي، سنڌ کي جيڪو پاڻي ملي ٿو ان مان به تونسا پنجند کان گڊو بئراج تائين چوريءَ جو انڪشاف ٿيو آهي، هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ ۾ پاڻي جي ڌاڙي خلاف ڀرپور تحريڪ اٿي رهي آهي، سنڌ جي شهر شهر ۾ آبادگارن طرفان ڀرپور مظاهرن، ڌرڻن کانپوءِ سياسي پارٽيون به ان جدوجهد ۾ شامل ٿي ويون آهن، پيپلزپارٽي طرفان پاڻي تي ڌاڙي خلاف آبادگارن ۽ ٻين ڌرين سان گڏجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. سنڌ جي آبادگار تنظيمن جي اڳواڻن پڻ ارسا جي چيئرمين کي جانبدار قرار ڏيندي ان کي فوري هٽائڻ ارسا جو چيئرمين سنڌ مان مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪرڻ سان گڏ احتجاج جو پڻ چتاءُ ڏنو آهي. قانون ۽ آئين تي جڏهن به عمل نه ٿيندو، تڏهن بگاڙ جي صورتحال پيدا ٿيندي ۽ ان سان صوبن وچ ۾ وڇوٽيون ۽ نفرتون وڌنديون، جيڪي قومي ٻڌي لاءِ ڪنهن به صورت ۾ فائديمند نه آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پاڻي جي منصفاڻي ورڇ سبب سمورا فيصلا قانون ۽ انصاف جي تقاضائن موجب ڪيا وڃن، سنڌ سان پاڻي معاملي ۾ شروع کان ناانصافي سبب سنڌي ماڻهن ۾ احساس محرومي وڌي رهي آهي، جيڪا ڀرپور عوامي ردعمل جو سبب بڻجي سگهي ٿي، انصاف جي دعويدار پي ٽي آءِ سرڪار کي ان حوالي سان فوري طور تي قدم کڻي صوبن وچ ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ يقيني بڻائڻ گهرجي، 1991ع جي ٺاهه تحت حصي جو پاڻي ملڻ سنڌ جو آئيني حق آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو