سکر (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آھي ته سنڌ جي حقن لاءِ نڪتا آھيون، سکر جي عوام هميشه آمريت جو ڀرپورمقابلو ڪيو آھي ايم آر ڊي هجي يامشرف جي آمريت خلاف تحريڪ هجي،سکر جي عوام پيپلز پارٽي جو ساٿ ڏنو آھي. اهڙو اظهار هن سکر اسپورٽس ڪامپلڪس وٽ آجيان واري ڪئمپ تي ڪارڪن کي خطاب ڪندي ڪيو پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته حڪومت ڄاڻي ٿي ته ان کي نه مولانا مان ۽ نه ئي وري پي ڊي ايم مان ڪو خطرو آهي پر رڳو پيپلز پارٽي ئي هن حڪومت سان مقابلو ڪري سگهي ٿي. خورشيد شاھ جي گهر وارن تي به نيب جا ڪيس ٿيل آهن. خورشيد شاھ خلاف ته ڪاروائي ڪئي پئي وڃي پر عورتن کي به ڪيسن ۾ حاضرين تي آندو پيو وڃي. حڪومت کي ياد ٿا ڏياريون ته جيڪڏهن اسان جي گهرن ۾ عورتون آهن ته توهان جي گهرن ۾ پڻ عورتون آهن. جيالن جي حڪومت اچڻ واري آهي، سر جو جواب پٿر سان ڏينداسين. سنڌ جي پاڻي جي حق ۽ ٻين مسئلن لاءِ نڪتو آهيان، عوام وٽ مدد لاءِآيو آھيان، جيالن کي جاڳڻو پوندو. پيپلز پارٽي ئي سليڪٽڊ حڪومت سان اڪيلي سر مقابلو پئي ڪري. سکر کان ڪشمير تائين ڪٽ پتلي جو مقابلو ڪري رهيا آھيون. بلاول ڀٽو چيو ته جيڪڏهن مخالف ڌر جو اڳواڻ پيپلز پارٽيءَ جو هوندو آهي ته اهو جيل ۾ هوندو آهي پر جيڪڏهن لاهور جو آهي ته اهو آزاد پيو گهمي. سکر جو مخالف ڌر وارو اڳواڻ جيل ۾ آهي ۽ لاهور وارو مزا پيو ماڻي. نيازي سرڪار جو هي پهريون ۽ آخري دور آھي، اها ايترو ظلم ڪري جيترو پاڻ به برداشت ڪري سگهي، نيازي ٻڌائي ته هو جيل ۾ ڪيترو وقت رهي سگهي ٿو. جلد پ پ جي حڪومت اچڻ واري آھي، عوام تيار رهي، اسين پاڪستان بچائڻ، عوام کي رليف ڏيارڻ لاءِ نڪتا آھيون. هوڏانهن پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گورنمينٽ ايمپلائيز سوسائٽي پھتو، جتي هن قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر غلام قادر ڀٽو جي لاڏاڻي تي سندس پٽن نديم ڀٽو جنيد ڀٽو سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ نثار کهڙو ، صوبائي وزير سيد ناصر شاهه ، اسلام الدين شيخ ، اعجاز جکراڻي ، نعمان اسلام شيخ ۽ اويس شاهه ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.
