اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيب جي ٽيم سيف الرحمان کي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ کان اڳ ئي عدالت جي ٻاهران گرفتار ڪري ورتو، وقتي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال معاملي جو نوٽيس وٺي نيب کان وضاحت گهري ورتي آهي. مضاربه اسڪينڊل ۾ نجي ڪمپني جو مالڪ سيف الرحمان ضمانت ڪرائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ لاءِ پهتو ته نيب ان کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان اڳ ئي عدالت جي ٻاهران گرفتار ڪري ورتو. ڪيس جي ٻڌڻي تي جوابدار سيف الرحمان جي طرفان ايڊووڪيٽ لطيف کوسه عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ ٻڌايو ته منهنجو موڪل ضمانت لاءِ سپريم ڪورٽ آيو هو، پر نيب جي گاڏي منهنجي معاون وڪيل جي گاڏي کي ٽڪر هڻي روڪي ورتو ۽ ان مان منهنجي موڪل سيف الرحمان کي نيب اهلڪار گرفتار ڪري کڻي ويا. جنهن تي وقتي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال واقعي جو نوٽيس وٺندي نيب کان گرفتاري تي وضاحت ۽ گرفتار ڪندڙ اهلڪارن جا تفصيل طلب ڪري ورتا. ان سان گڏ سپريم ڪورٽ جوابدار سيف الرحمان خان کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو به حڪم ڏنو. وقتي چيف جسٽس پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته نيب وضاحت ڏي ته عدالت جي احاطي مان گرفتاري ڇو ڪئي. سپريم ڪورٽ ڪو جوا جو اڏو نه آهي جو ان تي ڪاهه ڪري ڏجي. قائم مقام چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته نيب شهرين کي ڊيڄاري اوڳاڙي نٿو ڪري سگهي، نيب جوابدار کي سپريم ڪورٽ جي احاطي مان ڊراماني انداز ۾ کنيو، ايڏي تڪڙ ڇا جي هئي؟ سپريم ڪورٽ ۾ پراسيڪيوٽر جنرل نيب ٻڌايو ته سيف الرحمان هاءِ ڪورٽ طرفان ضمانت رد ٿيڻ تي ڀڄي ويو هو، نيب سيف الرحمان جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پر ڪامياب نه ٿي سگهيو. عدالت جي احاطي مان جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي غلطي مڃي ان تي معافي ٿو وٺان ۽ جوابدار کان پڻ لکت ۾ معافي وٺندس. ان موقعي تي عدالت جي حڪم تي جوابدار سيف الرحمان خان کي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو ۽ عدالت 10 لک روپين جي مچلڪن عيوض سندس عبوري ضمانت منظور ڪئي.
