اڪري چودڳي (ويب ڊيسڪ) اڪري ڀرسان ذهني معذور ڀاءُ ڀيڻ غربت سبب علاج نه ڪرائي سگهيا، وارثن زنجيرن سان ٻڌي ڇڏيو، ان سلسلي ۾ ڳوٺ عزيز خان شر ۾ 20 ورهين جي عذير ۽ 14 ورهين جي دولتان خاتون کي مائٽن گهر اندر زنجيرن سان ٻڌي ڇڏيو، هوڏانهن ٻنهي ٻارڙن جي امڙ حسينا شر ۽ ڀاءُ ٽئڪسي ڊرائيور جاويد شر ٻڌايو ته ڪجهه عرصو اڳ پٽ ۽ ڌيءُ کي اوچتو تيز بخار ٿيڻ بعد دماغي توازن بگڙي ويو، ٻئي معذور بڻجي چڪا آهن، حسينا شر وڌيڪ چيو ته گهر جو الهه تلهه وڪرو ڪري وس آهر علاج ڪرايو، ڪيترين ئي سرڪاري اسپتالن ۾ ڌڪا کاتا پر طبيعت ۾ سڌارو نه آيو ويتر خراب ٿي وئي، غربت سبب وڌيڪ علاج جي سگهه ناهي، جيڪڏهن انهن کي آزاد ڇڏيون ٿا ته ٻاهر نڪري ايندڙ ويندڙن کي پٿر هڻي زخمي ٿا ڪن، ان ڪري مجبور ٿي هاڻي ٻنهي کي کٽ ۾ زنجير هڻي ٻڌي ڇڏيو آهي ته ڪٿي ڪو وڏو نقصان نه ڪري وجهن، هنن اختيارين ۽ سرندي وارن کي اپيل ڪئي ته ٻچن جي علاج لاءِ مدد ڪئي وڃي.
113