104

رڳو شفاف چونڊن جو مطالبو ٿا ڪريون، موقعو مليو ته قومي حڪومت ٺاهينداسين: شهباز شريف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ پاڪستان مسلم ليگ ( نواز) جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت سان مفاهمت ۽ مزاحمت بدران رڳو شفاف چونڊن جو مطالبو ٿا ڪريون. قائداعظم جي مزار تي حاضري کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته موجوده حڪومت چور دروازي کان آئي آهي، ملڪي تاريخ ۾ اسٽيبلشمينٽ جي جيتري سپورٽ تحريڪ انصاف کي ملي ايتري ٻي ڪنهن حڪومت کي نه ملي پر پوءِ به نالائق حڪومت فائدو نه کڻي سگهي. شهباز شريف چيو ته 2023 جون چونڊون شفاف ٿيڻ گهرجن ۽ ايندڙ عام چونڊن ۾ سمورين سياسي پارٽين کي ملڪ جي خدمت ڪرڻ جو موقعو ملڻ گهرجي. ڪا هڪ جماعت ملڪ جا مسئلا حل نٿي ڪري سگهي، ملڪ جي مسئلن جو حل قومي حڪومت قائم ڪرڻ ۾ آهي، ايندڙ چونڊن ۾ اسان کي موقعو مليو ته قومي حڪومت ٺاهينداسين. جيستائين ننڍا صوبا ترقي نه ڪندا پاڪستان جي ترقي نه ڪري سگهندو، هن چيو ته ڪراچي سان ماٽيلي ماءُ وارو ورتاءُ ڪيو ويو، جيڪڏهن اسان کي موقعو مليو ته ڪراچي کي پئرس ڪري ڇڏينداسين. ملڪ ۾ 20-20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪنهن جادو سان نه پر نوازشريف جي محنت ۽ جدوجهد سان ختم ٿي. گرين لائن مسلم ليگ(ن) جو منصوبو هو جيڪو اسان سنڌ ۽ ڪراچي جي عوام کي تحفو ڏنو هو. شهباز شريف وڌيڪ چيو ته افغانستان جي صورتحال سڀني جي سامهون آهي ۽ افغانستان ۾ افغان عوام کي پنهنجي قسمت جو فيصلو پاڻ ڪرڻو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو