93

ڪورونا جي چوٿين لهر ۾وڌيڪ 66 ڄڻا فوت،سنڌ ۾41 مريضن جو حياتيون ضايع

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا جي چوٿين لهر ۾وڌيڪ 66 ڄڻا فوت، سنڌ ۾41 مريضن جو حياتيون ضايع ٿي ويون. رپورٽ موجب ملڪ ۾گذريل 24 ڪلاڪن دوران 38 سئو مريضن ۾وائرس جي تصديق ٿي،مثبت ڪيسن جي شرح 6.75 سيڪڙو رهي. جڏهن ته  66 مريض فوت ٿي ويا. هوڏانهن گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪوروناوائرس سبب وڌيڪ 41 مريض فوت ٿيا ۽ فوتين جو تعداد 6875 ٿي وئي آهي جڏهن ته 13228 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 1013 نوان ڪيس سامهون آيا. اهڙو اظهار سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سومر ڏينهن وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 41 مريض فوت ٿي ويا آهن ۽ فوتين جو انگ 6875 تائين پهچي ويو آهي جيڪو فوتين جو 1.6 سيڪڙو آهي. مراد علي شاهه چيو ته 13228 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان 1013 ڪيس ظاهر ٿيا جيڪي 7.7 سيڪڙو موجوده تشخيصي شرح آهن. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 5534471 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن جن مان 431456 ڪيس ظاهر ٿي چڪا آهن انهن مان 86.6 سيڪڙو يعني 373780 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن جنهن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ 798 مريض پڻ شامل آهن. وڏي وزير چيو ته هن وقت 50801 مريض علاج هيٺ آهن انهن مان 49788 گهرن ۾، 40 آئسوليشن سينٽرن ۾ ۽ 973 مختلف اسپتالن ۾ آهن.  هن وڌيڪ چيو ته 867 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي جن ۾ 79 ڄڻا وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيا ويا آهن. بيان موجب 1013 نون ڪيسن مان 368 ڪراچي جا جن ۾ ضلع اوڀر 154، ضلع ڏکڻ 103، ضلع سينٽرل 48، ملير 34، ضلع اولهه 24 ۽ ضلع ڪورنگي 5 شامل آهن. حيدرآباد ۾ 133، نوشهروفيروز 52، سانگهڙ 42، ڄامشورو 37، قمبر 36، بدين ۽ ٿرپارڪر 32-32، ٺٽو 30، سکر 22، مٽياري ۽ شڪارپور 19-19، دادو ۽ ميرپورخاص 18-18، عمرڪوٽ 17، شهيد بينظير آباد 16، ٽنڊو محمد خان 15، گهوٽڪي ۽ ٽنڊوالهيار 14-14، جيڪب آباد 10، لاڙڪاڻو 6 ۽ سجاول 2 ڪيس آهن.  مراد علي شاهه صوبي جي عوام تي زور ڀريو ته حڪومت پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي عمل ڪن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو