107

سياست تبديل ٿئي پئي،پي ڊي ايم وارا ڀلي اسلام آباد اچن،قانون مطابق سلوڪ ٿيندو:شيخ رشيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته سياست تبديل ٿئي پئي،پي ڊي ايم وارا ڀلي اسلام آباد اچن،آئين ۽ قانون مطابق سلوڪ ٿيندو، افغانستان جي صورتحال تي گهيري نظر آهي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته مخالف ڌر وارا ڇا ٿا کپائن؟ انهن جو سودو ته وڪامي چڪو آهي،پڇتائڻ کانسواءِ وٽن ڪجهه به ناهي رهيو، ٻن سالن ۾نيب ڪيسن جو فيصلو اچي ويندو،اسان کي نيڪ نيتي سان ملڪ جي بهتر سڃاڻپ اجاگر ڪرڻي آهي، هن چيو ته افغانستان جي صورتحال تي گهيري نظر آهي،پاڪ فوج امن قائم ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪئي،جانيون قربان ڪيون، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان خطي ۾اهم ملڪ بڻجڻ وڃي پيو،ذميوار ايٽمي قوت رکندڙ ملڪ آهيون،افغانستان مان آيل 21 ڏينهن رهندا. وفاقي گهرو وزير وڌيڪ چيو ته طالبان يقين ڏياريو آهي ته افغانستان جي سرزمين پاڪستان خلاف استعمال نه ٿيندي، 2600 ڪلو ميٽر سرحد تي ڪنڊيدار تارون وڌايون آهن. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته آمريڪا يا ڪنهن به ملڪ کي هڪ مهيني جي ويزا ڏني يندي، ڪنهن به افغان کي مهاجر جو درجو نه ڏنو آهي،  3 هزار افغاني اچي رهيا آهن، جڏهن ته ايئرپورٽ تي موجود 6 ماڻهن کي لاڳاپيل ملڪ موڪلينداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو