110

چونڊ سڌارن تي ڪم ڪيو آهي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين 15 سيڪنڊن ۾نتيجو ڏيندي:شبلي فراز

پشاور (ويب ڊيسڪ) سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وزير شبلي فراز چيو آهي ته چونڊ سڌارن تي ڪم ڪيو آهي،اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين 15 سيڪنڊن ۾نتيجو ڏيندي، اپوزيشن وارا ماهر وٺي معائنو ڪن. پشاور انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي شبلي فراز چيو ته ووٽنگ ۾ماڻهن بدران ٽيڪنالاجي استعمال ڪنداسين، سڀ ڪجهه شفاف ۽ آسان ٿي ويندو،مشين جو تعلق نيٽ سان ناهي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين هيڪ به نٿي ٿي سگهي،ان ۾ووٽر جو رڪارڊ هوندو،15 سيڪنڊن اندر نتيجو ملندو، هن چيو ته عام طريقي سان ڳڻپ ۾18 لک ووٽ ضايع ٿيندا آهن، اليڪٽرانڪ مشين مان ووٽ ضايع نه ٿيندو،اهو جمهوريت لاءِ فائديمند آهي، اسان چاهيون ٿا ته اپوزيشن پنهنجا ماهر آڻي ووٽنگ مشين جو معائنو ڪري،ڏسڻ کانسواءِ رد ڪرڻ صحيح ناهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو