اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ٽن سالن ۾ 27 ارب ڊالر قرض ورتو،39 ارب 59 ڪروڙ ڊالر قرض ۽ وياج ادا ڪيو. اسٽيٽ بئنڪ پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته غير ملڪي قرضن جو حجم تاريخ جي بلند ترين سطح 122 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو آهي، 13 ارب 42 ڪروڙ ڊالر قرض ۽ وياج ڏيڻ تي خرچ ڪيو ويو، حڪومت ٽن سالن ۾27 ارب ڊالر نئون قرض ورتو آهي، جڏهن ته 39 ارب 49 ڪروڙ ڊالر قرض ۽ وياج ادا ڪرڻ تي خرچ ڪيو ويو آهي، هڪ سال دوران 9 ارب ڊالر جو پرڏيهي قرض پڻ ورتو ويو آهي، ن ليگ 5 سالن جي حڪومت ۾ 34 ارب ڊالر جو قرض ورتو هو، 33 ارب 30 ڪروڙ ڊالر قرض ۽ وياج ادا ڪيو هو.
