138

آفيسرن خلاف ڪارروائي ناڪافي آهي،نتيجا اچڻ گهرجن،عوام کي رليف ڏنو وڃي:وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آفيسرن خلاف ڪارروائي ناڪافي آهي،نتيجا اچڻ گهرجن،عوام کي رليف ڏنو وڃي. رپورٽ موجب اسلام آباد ۾ وزيراعظم عمران خان جي سربراهي ۾مهانگائي جو جائزو وٺڻ بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اعليٰ آفيسرن ذميوارن خلاف ڪارروائي بابت بريفنگ ڏني، اجلاس ۾ کنڊ ۽ ڪڻڪ جي اسٽاڪ ۽ مستقبل جي ضرورتن جي قدمن کان آگاهه ڪيو ويو، ڪوڪنگ آئل جي قيمتن بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو آهي، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته مهانگائي تي ڪنٽرول نه ڪرائيندڙ 7 اسسٽنٽ ڪمشنرز ۽ مارڪيٽ ڪاميٽي جا 2 سيڪريٽري معطل ڪيو ويو جڏهن ته ٻن ڊپٽي ڪمشنرز کي وارننگ ڏني آهي، ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته آفيسرن خلاف ڪارروائي ناڪافي آهي،نتيجا اچڻ گهرجن،عوام کي رليف ڏنو وڃي، بنيادي ضرورت وارين شين جي قيمتن سان عام ماڻهو متاثر ٿئي ٿو، انهن جو تحفظ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. اجلاس ۾ ناڻي واري وزير شوڪت ترين صنعت ۽ پيداوار واري وزير خسرو بختيار منصوبابندي واري وزير اسد عمر شرڪت ڪئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

آفيسرن خلاف ڪارروائي ناڪافي آهي،نتيجا اچڻ گهرجن،عوام کي رليف ڏنو وڃي:وزيراعظم” ایک تبصرہ

پنهنجي راءِ ڏيو