96

فواد چوڌريءَ جو شهباز شريف کي سياست ڇڏڻ جو مشورو، گرفتاريءَ جو اشارو به ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات واري وفاقي وزير  فواد چوڌريءَ  مخالف ڌر  جي اڳواڻ ۽ ن ليگ جي صدر شهباز شريف جي گرفتاريءَ جو اشارو ڏيندي کيس سياست ڇڏڻ جو مشورو پڻ ڏئي ڇڏيو آهي. پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته شهباز شريف جي خلاف مضبوط ڪيس آهن، ڪيسن جا فيصلا اچڻ وارا آهن، لڳي نه ٿو ته هو ڪو گهڻو وقت جلسن کي خطاب ڪري سگهندو. ان ڪري شهباز شريف هاڻي سياست ڇڏي ڏي ۽ پنهنجي وڪيلن سان مشورا ڪري. هن وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم ڪراچي ۾ اهڙو شو ڪيو جنهن ۾ پاور ئي نه هو، مولانا جنهن به اتحاد جي اڳواڻي ڪئي اهو ڪامياب نه ٿيو. فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ايندڙ حڪومت تحريڪ انصاف جي ئي ٿيندي ان ۾ ڪو شڪ ئي نه آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو