142

سنڌ ۾ شاگردن جي ڪورونا ويڪسينيشن جي شروعات 6 سيپٽمبر کان ٿيندي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ شاگردن جي ڪورونا ويڪسينيشن جي شروعات 6 سيپٽمبر کان ٿيندي. رپورٽ موجب ڪراچي ۾ صحت کاتي جي صوبائي وزير عذرا پيچوهو ۽ تعليم کاتي جي صوبائي وزير سردار شاهه جي گڏيل سربراهي ۾ اجلاس ٿيو، جڏهن ته لاڳاپيل آفيسرن وڊيو لنڪ تي شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ ۾ شاگردن جي ڪورونا ويڪسينيشن 6 سيپٽمبر کان شروع ٿيندي، ان حوالي سان سنڌ حڪومت جو چوڻ آهي ته اسڪولن ۽ ڪاليجن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ويڪسين ڪئي ويندي، نائين کان 12هين جماعت تائين 14 لک 2سئو شاگرد ۽ شاگردن کي ويڪسين ٿيندي، صحت کاتي جون 2547 ٽيمون مقرر ٿينديون، پهرئين مرحلي ۾ضلعي سطح تي ٿيندي. جنهن کانپوءِ تعلقي سطح تائين ان کي وڌايو ويندو، اسڪول انتظاميا ٻارن جي والدين سان رابطو ڪري انهن کي راضي ڪن، صحت کاتي انتظاميا 6 ڏينهن اندر انتظام مڪمل ڪري ويڪسين جي شروعا ڪري.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو